دادو جي ناڻي کاتي مان 30 لک وارو معاملو، جاچ مڪمل ڪرڻ جي دعويٰ

دادو  ( ڊ ر)  ٻه هفتا اڳ ٽريزري آفيس خلاف سوشل ميڊيا تي عورت ٽيچر جو وائيس وائرل ڪري مبينا 30 لک روپيه اڪائونٽ مان ٽريزري آفيسرن پاران ڪڍڻ وارو معاملو:- دادو جي ٽريزري آفيسر ڌڻي بخش جهيجو آفيس ۾ پريس ڪانفرنس چيو آهي ته  اداري کي بدنام ڪرڻ لاءِ فيڪ وائيس ڇڏيو ويو، جنهن جي مڪمل جاچ ڪرائي آهي ڪنهن به ليڊي ٽيچرس جي اڪائونٽ مان 30 لک نه نڪتا آهن  سوشل ميڊيا تي سماجي اڳواڻ سڏائيندڙ قادر چانڊيو عورت جو وائيس ڇڏي اهو الزام هنيو ته ٽريزري آفيس جو عملو ملي ڀڳت ڪري 30 لک روپيه ڪڍرايا آهن هن چيو ته لڳل الزامن بابت مڪمل جاچ ڪئي 5 سالن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو آهي پر ڪنهن به ليڊي ٽيچرس جي اڪائونٽ ۾ نه ئي 30 لک منتقل ٿيا آهن نه ئي نڪتا آهن هن چيو ته تعليم کاتي جي ڊي اي او کي پڻ ليٽر لکيو هو ته اوهان جي ڪنهن ٽيچرس جي اڪائونٽ مان 30 لک نڪتا آهن ته آگاهه ڪيو تعليم کاتي پاران واپسي جواب لکت ۾ موڪليو آهي جنهن ۾ پڻ اهو ڄاڻايو آهي ته اسان جي ڪنهن به ليڊي ٽيچرس سان اهو مسئلو نه ٿيو آهي هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙي خبر رکڻ وارو سماجي اڳواڻ ليڊي ٽيچرس جو نالو به ٻڌائڻ نه ٿو چاهي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته هو صرف اداري کي بدنام ڪرڻ چاهي پيو  سوشل ميڊيا تي وائيس وائرل ڪندڙ سماجي اڳواڻ قادر چانڊيو خلاف اعليٰ اختيارن کي آگاهه ڪيو آهي اعليٰ اختياريون ان خلاف سائيبر ڪرائيم ۾ ضرور وينديون هن چيو ته سماجي اڳواڻ اداري جي ساک کي نقصان رسائڻ سان گڏ ذاتي ٽارگيٽ پڻ ڪيو آهي ۽ سوشل ميڊيا ذريعي اداري کي ساڙڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. جنهن خلاف ليگل نوٽيس موڪليو آهي  ليگل نوٽيس جو جواب نه مليو ته ان خلاف عدالت ۾ وينداسين ۽ قانوني ڪاروائي جو حق رکو ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.