شيخ زيد موڙ تان ڪوچ اڏا ختم ڪريو، ڊرائيورن جو لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا بس اينڊ وين اونرز ايسوسئيشن پاران شيخ زيد موڙ تي ڪوچ اڏا قائم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويو جتي ڊرائيورن ۽ ڪنڊڪٽرن سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري مير علي حسن ڪهيري، بگن خان چانڊيو، علي اڪبر لهر، حاجي معشوق علي معيري، هزار خان مغيري، لياقت چانڊيو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي جي بااثر ڪوچ انتظاميه طرفان شهر جي شيخ زيد موڙ تي غيرقانوني طور اڏا قائم ڪري اتي سالن کان وٺي ويگنون هلائي پيٽ گذر ڪندڙ ڊرائيورن ۽ ڪنڊڪٽرن کي پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسين سالن کان وٺي شيخ زيد موڙ تان ويگن ۾ مسافر کڻي ڪراچي، حيدرآباد، قمبر، شهدادڪوٽ، وڳڻ، وارهه، نصيرآباد، سيوهڻ سميت ٻين شهرن ڏانهن ويندا آهيون پر ڪجهه مهينن کان غيرقانوني ڪوچ اڏا قائم ٿيڻ سان اٽڪل 700 ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر بيروزگار ٿي ويا آهن جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪوچ اڏن کي شهر جي نيو بس اسٽينڊ ۾ قائم ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.