اڏيرو لعل ڀرسان روهڙي ڪئنال جو پاڻي اوورٽاپ

اڏيرولال(ن ع آ) روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ نصير واهه کي اڏيرولال اسٽيشن ريلوي ڦاٽڪ کان ڳوٺ محرم کوسو جي سامهون پاڻي جو اوور  ٽاپ، اطلاع تي آبپاشي جو ايڪسيئين طاهر احمد ڪيهر، ايس ڊي او باقر ميمڻ، سرويئر اصغر ميرجت ۽ عملو واقعي واري هنڌ پهچي ويو. ڏهه دري موري کان فاضلاڻي موري تائين واهه جا ٻيئي ڪپر انتهائي نازڪ صورتحال اختيار ڪري چڪا آهن. هتان جي مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڏهه دري موري کان فاضلاڻي موري تائين واهه جي ٻنهي پاسن کان لکين ماڻهو آباد آهن، هن وقت آبپاشي عملدار صرف نشاندهي واري جاءِ تي مٽي جو ڀراءُ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اصل ۾ واهه جا ٻيئي ڪپر انتهائي نازڪ صورتحال اختيار ڪري چڪا آهن، جيڪڏهن برسات جو سلسلو اڃان جاري رهيو ته ڪنهن به وقت اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي سگهي ٿو ۽ نتيجي ۾ هزارين ڳوٺ پاڻي جي نظر ٿي سگهن ٿا. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي آبپاشي ايڪسيئن طاهر احمد ڪيهر ٻڌايو ته خطري جي ڪابه ڳالهه نه آهي. ٻي پاسي واهه جي ٻنهي ڪپرن جي حالت نازڪ هجڻ سبب هتان جي رهواسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.