خانپور مهر واسي پورهيت ڪراچي ۾ پراڻي دشمني تان قتل

خانپورمهر ( رپورٽ:ميهر مهر ) خانپورمهر جي علائقي ڳوٺ سهانجڙو بوزدار جو رهواسي عبدالرئوف بوذدار ڪراچي جي علائقي پاڪ ڪالوني ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته  نوجوان ڪراچي جي علائقي پاڪ ڪالوني ۾ مزدوري ڪندو هو جتي کيس مبينا طور پراڻي دشمني تان قتل ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب نوجوان عبدالروف ولد رستم بوزدار کي پنهنجي ئي برادري جي جوابدارن پراڻي دشمني تان قتل ڪيو آهي هوڏانهن نوجوان جي قتل واري واقعي بعد سندس ڳوٺ ۾ قهرام مچي ويو، نوجوان عبدالرئوف بوذدار برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان  ڳوٺ ڇڏي ڪراچي ڪمائڻ لاءِ ويو هو، نوجوان جو مڙھ ايمبولينس ذريعي ڪراچي کان ڳوٺ سهانجڙو بوزدار آندو ويو جتي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.