جوهي بئراج ۾پاڻي کوٽ خلاف واهي پانڌي ۾ڌرڻو

واهي پانڌي( ن ع آ) واهي پانڌي ۾ جوهي جي آبادگارن جوهي بئراج جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ پاڻي جي هٿرادو  کوٽ خلاف واهي پانڌي ۾ ميهر  گاڏهي عبداللطيف جمالي ياسين جمالي ذوالفقار جمالي ڪامريڊ وقار مستوئي ميانداد برهماڻي فيصل جمالي غلام رسول لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيٽرول پمپ کان المرتضٰی چوڪ تائين ڀرپور احتجاجي ريلي ڪڍي "پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا” ظالمو پاڻي ڏيو جا اڀ ڏاريندڙ نعري بازي ڪندي واهي پانڌي جوهي مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ڌرڻي ۾ واهي پانڌي جي آبادگارن پي ٽي آئي جي ڪارڪنن سميت قوم پرست پارٽين عوامي تحريڪ، پ پ ش ڀ ۽ ٻين سوين شهرين پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن ۽ جوهي ۽ واهي پانڌي جي آبادگار اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جوهي ماضي ۾ سرسبز ۽ شادآب خطو هو جتي وڏي مقدار ۾ سارين جو فصل ٿيندو هو جوهي ۽ ان جي آس پاس ميوائتن جا باغ پڻ هوندا هئا ڪڻڪ ۽ ٻيو فصل جام ٿيندو هو جوهي جي شاخن ۽ بئراجن ۾ پاڻي اڻ کُٽ هو ماڻهو مال متاع سکيو ستابو هوندو هو پر ڪجھ سالن کان جوهي جي بئراجن ۽ شاخن جو پاڻي چوري ٿيڻ سبب کين جوهي جون هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن هنن چيو ته سياسي ڀوتارن پنهنجون زمينون آباد ڪرائي جوهي جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو آهي جنهن جي ڪري جوهي جا آبادگار گذريل ويهن سالن کان پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو ته زمينون آباد نه ٿيڻ ڪري جوهي واسي معاشي طور بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن ھنن چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري ڪيترائي خاندان پڻ جوهي مان لڏپلاڻ ڪري ويا آهن هنن چيو ته جوهي واسي هن وقت فصل ته پنهجي جاءِ تي پر ماڻھو پئيڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن هنن چيو ته جوهي شهر ۽ پسگردائي جي ڳوٺن ۾ ماڻهن سان گڏ مال متاع پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپي مري رهيو آهي شاخن مان واري اڏامي رهي آهي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته جوهي جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻندڙ سياسي ڀوتارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري جوهي بئراج جي شاخن کي پاڻي فراهم ڪري جوهي واسين کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جوهي تعلقي ۾ جاري رکنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.