ڀان ۾ سماجي براين خلاف ريلي، 10 آڪٽوبر تي ڌرڻي جو اعلان

ڀان سيدآباد (ن ع آ) ڀان سيدآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران شهر جي بنيادي مسئلن جي حل، آر او پلانٽ بند هجڻ، گندگي، ڪرپشن ، منشيات جي ڪاروبار ۽ وڌندڙ بدامني خلاف مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو،  ضلعي صدر درياء خان لغاري، اصغر سولنگي، اصغر شاهاڻي ،  آزاد منصور چنا، سهيل ٻرڙو، محمد نواز رند جي اڳواڻي ۾ ٻرڙا هائوس کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪندي پريس ڪلب وٽ پهتي جتي ڪارڪنن پاران ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙي چيو تہ وڏي وزير جو اباڻو شهر ڀان سيدآباد انيڪ مسئلن جي ورچڙهيل آهي، ڀان سيدآباد شهر ۾ گندگي جا ڍير جمع ٿيل آهن پر ٽائون عملو صفائي نه ٿو ڪري، ڀان سيدآباد ٽائون ڪاميٽي جي بجيٽ وڏيرن جي اوطاقن تي خرچ پئي ٿئي پر افسوس تہ نيب خاموش آهي، هن وڌيڪ چيو تہ وزيراعلي جو تڪ تعلقو سيوهڻ منشيات جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي پر ايس ايس پي منٿلي وٺڻ ۾ پورو آهي، ايم اين اي سڪندر راهپوٽو جو ڀاء سرور راهپوٽو چرس کپائيندي رينجرز هٿان پڪڙجي پيو جنهن کي پوليس گرفتار نه ٿي ڪري، چرس کي چاڪليٽ بڻائي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، ان موقعي تي روشن ٻرڙي اعلان ڪيو تہ 10 آڪٽوبر تي منشيات جي ڪاروبار ۽ بدامني خلاف ايس ايس پي آفيس اڳيان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڌرڻو هڻندي، جنهن ۾ سڄي ضلعي ڄامشوري جا ڪارڪن شرڪت ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.