ڪراچي ۾ڳوٺ تي چڙهائي، قبضي جي ڪوشش، احتجاج

گلشن اقبال (ن ع آ) فيضو گبول جي قديمي نورمحمد گبول ڳوٺ تي بلڊر مافيا پاران پوليس جي سرپرستي ۾ قبضو جاري آهي ۽  چارديوري جو  ڪم شروع ڪيو ويو آهي قبضي خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، ڊاڪٽر علي نواز گبول،فاروق ڀنگوار ۽ ٻيا نورمحمد گبول ڳوٺ وفد جي صورت ۾ پھچي ڳوٺاڻن مراد گبول، عثمان گبول، عبدالشڪور گبول سان ملاقات ڪري هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ قديمي ڳوٺ آھي اسان اڃان بحريا ٽائون جي عتاب مان ناهيون نڪتا ته  وري مٿان پوليس سرپرستي ۾ لينڊ مافيا جي اڳواڻ بلڊر سجاد قريشي ڳوٺ تي قبضو ڪري رھيو آھي اسان روڪڻ لاء ڪوشش ڪيون ٿا ته پوليس اسان کي ٻڌي کڻي ٿي وڃي.  انھن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ تان قبضو ختم ڪرائي اسان جي ڳوٺ کي بچايو وڃي، ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، ڊاڪٽر نواز گبول ڳالھائيندي چيو ته اسان ڊي سي ملير ۽ وس وارن کي چئون ٿا ته گڏاپ پوليس ۽ بلڊر خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ڳوٺاڻن جي زمين کي لينڊ مافيا بلڊر کان خالي ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.