ڀريا روڊ لڳ خانگي اسڪول پرنسپال تي مڙس جو حملو، ڀاءُ زخمي

ڀرياسٽي ( ن ع آ )  ڀرياروڊ ريتي محلا واسي امتياز ملاح پنهنجي ڀيڻ آسيه ملاح سان گڏ اسڪول وڃي رهيو ته حق باهو ڪالوني وٽ علي نواز  ملاح سان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي سبب امتياز ملاح مرڻنگ ٿي پيو جنهن کي ڀرياسٽي جي اسپتال داخل ڪيو ويو، ان موقعي تي زخمي امتياز ملاح ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ نجي اسڪول جي پرنپسال آهي مان ۽ منهنجي ڀيڻ موٽرسائيڪل تي اسڪول وڃي رهيا هئاسين ته علي نواز ملاح پنهنجي ٻن نامعلوم ساٿين سان گڏ اسان مٿان حملو ڪيو جنهن ۾ مان زخمي ٿي پيس ۽ منهنجي ڀيڻ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،  هن ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ آسيه جي شادي علي نواز ملاح عرف نازو ملاح سان ٿيل هئي، جيڪي گهرو تڪرار سبب طلاق تائين پهتي جنهن جو ڪيس به عدالت سڳوري ۾ هلندڙ آهي ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل علي نواز عرف نازو ملاح مون ڪو به حملو ناهي ڪيو نه وري گهرواري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻئي پاسي ڀرياروڊ ايس ايڇ او غلام مصطفي سيٺار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اغوا وغيره جو ڪو به معاملو ناهي ٿيو زال مڙس جو پاڻ تڪرار آهي وڌيڪ جاچ ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.