پٽ جا قاتل گرفتار ڪيو، سجاول ۾پيرسن جوڙي جو احتجاج

سجاول (ڊ ر) سجاول ۾ پيرسن جوڙي جو نوجوان پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، بٺورو واسي پيرسن جوڙي  جون انصاف لاءِ دانهون، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس نوجوان پٽ کي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نوٽيس وٺي، مطالبو خبر موجب سجاول ۾ ميرپوربٺورو واسي پيرسن جوڙي پاران 22 مهينا اڳ ميرپوربٺورو پوليس اسٽيشن ڀرسان مبينا طور قتل ٿيل نوجوان نويد چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي مقتول نوجوان نويد چانڊيو جي جي پيرسن پيءُ سلطان چانڊيو ۽ پيرسن  ماءُ مقتول نوجوان جي تصوير کڻي احتجاج ڪندي چيو ته نوجوان پٽ نويد چانڊيو جي قتل کي 22 مهينا گذري وڃڻ باوجود پوليس پاران ڪيس داخل هجڻ باوجود اڃا تائين قاتلن جو پتو نه لڳائي سگهي آهي.  هنن چيو ته پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪافي احتجاج ڪيا آهن ليڪن چونڊيل نمائندن سميت ڪير به اسان غريبن جي ٻڌڻ وارو ناهي هنن الزام هڻندي چيو ته پٽ جي قتل ۾ مقامي ٿاڻي جا 2 پوليس اهلڪار ملوث آهن جن کي بچائڻ لاءِ پوليس ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن دانهون ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت آئي جي سنڌ پوليس کي اپيل ڪئي آهي ته بيدري سان قتل ٿيل نوجوان پٽ نويد چانڊيو جي قاتلن جي گرفتار نه ٿيڻ جو فوري طور نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

ٺٽي ۾گم ڪيل پورهيت تي منشيات جو ڪيس داخل

ٺٽو(ڊر) ٺٽي پوليس جو ڪارنامو، موبائيل ٽاور جي ملازم کي ٺٽي مان کنڀي گم ڪرڻ بعد مڪلي ٿاڻي تي مٿس منشيات  جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پوليس جي اھڙي ڪارنامي تي عوام حيرانگي جو اظھار ڪيو آھي، ٻئي طرف ڊاڪٽر عبدالواحد بروھي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ ٺٽو پوليس عوام جي محافظ ھجڻ باوجود اھا عوام جو تحفظ ڪرڻ بجاء انھن تي حڪمراني ڪري انھن خلاف انتقامي ڪاروائين تي لھي آئي آھي، جنھن سندس سئوٽ موبائيل ٽاور جي ملازم محمد شريف بروھي کي ڊيوٽي تان موٽندي کنڀي گرفتار ڪري گم ڪرڻ بعد مڪلي ٿاڻي تي مٿس منشات جي ڪوڙي FIR داخل ڪري سندس گرفتاري ظاھر ڪئي آھي، جيڪا وڏي ناانصافي آھي. ھن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ ھن معاملي جي شفاف جانچ ڪرائي ملوٽ پوليس عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري سندس سئوٽ محمد شريف بروھي کي ازاد ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.