بٺوري لڳ نينگري واهه ۾ٻڏي فوت

ميرپوربٺورو ( رپورٽ : شوڪت سومرو  ) ميرپوربٺورو لڳ واھ ۾ 5 سالا نياڻي ٻڏي فوت ٿي ويئي، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ مستري خميسو خاصخيلي جي  5 سالا مائيرا ڌي تاج محمد خاصخيلي گهر ٻاهران راند ڪندي  ڀرسان گذرندڙ گهاڙي واه ۾  ڪري پئي، جنهن کي آسپاس جي ماڻهن فوري طور واھ مان ڪڍيو ته نياڻي فوت ٿي چڪي هئي، معصوم نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو. معصوم نينگري کي سوين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو آهي.

قمبر ۾صفائي نه ٿيڻ خلاف رهواسين جو احتجاج

قمبر (ت ر )  قمبر فرينڊس ويلفيئر ائنڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران شهر ۾  صفائي نه ٿيڻ ۽ نالين جو پاڻي اٿلي روڊ تي بهيڻ خلاف  خلاف اڄ ٽي ڏينهن به شهداء چؤنڪ تي سڪندر جهنڊيل، خالد حسين مارفاڻي، اياز جمال چانڊيو، مير حسن چانڊيو، اياز ٻرڙو ،جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر سمورو گندگي جي ڍير ۾تبديل ٿي چڪو آهي ۽ نالين جو پاڻي اٿلي روڊ تي ۽ گهٽين ۾ بهيڻ سبب شهرين کي سخت اذيت مان گذرڻو پوي ٿو ۽ مختلف بيمارين ۾ شهرين مبتلا ٿي ويا آهن پر اي سي قمبر ۽ ميونسپل عملدارن جي ڪن تي جوء به ڪا ٿي چري هنن ميونسپل انتظاميا خلاف اڄ ٻئي ڏينهن به شهر ۾  اڇو چٺو پڻ ورهايو ۽ هنن مطالبو ڪيو ته شهر اندر سمورن محلن ۾ صفائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.