سلطان ڪوٽ ويجهو ڪار جي ٽڪر ۾نوجوان زخمي

ميان صاحب (ن ع آ) همايون شريف ٿاڻي جي حد ۾  شڪارپور – جيڪب آباد قومي شاهراهه روڊ تي روڊ کي ڪراس ڪندي 28 ورهين جو نوجوان مور بنگلاڻي ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، واقعي واري هنڌ تي بيٺل ماڻهن زخمي نوجوان کي همايون شريف جي خانگي اسپتال پهچايو، هوڏانهن اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏي، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان روڊ ڪراس ڪري رهيو هو ته جيڪب آباد کان شڪارپور طرف ويندڙ ڪار سان اوچتو ٽڪرائجي ويو، جنهن بعد علائقي واسين نوجوان کي زخمي حالت ۾ همايون شريف جي خانگي اسپتال پهچايو جتي سندس جو علاج هلندڙ آهي.

بٺورو شهري اتحاد جي اڳواڻ حبيب الله کٽي جو پٽ لاڏاڻو ڪري ويو

ميرپوربٺورو (ن ع آ) شهري اتحاد ميرپور بٺورو جي اڳواڻ حبيب الله کٽي جو پٽ ۽ صحافي انتظار کٽي جو ڀاء اظهر کٽي لاڏاڻو ڪري ويو، نوجوان جي اوچتي لاڏاڻي تي  شھر ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي، جڏهن ته مرحوم جي جنازي نماز علي بندر محلہ ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس ميون عبدالله قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، نوجوان اظهر کٽي جي جنازي نماز ۾ شهري اتحاد جي اڳواڻن ڏاڏا اسماعيل شورو، محمد علي خواجه، غلام علي خواجه، اڳوڻي ٽائون چيئرمين عبدالغفور ميمڻ، پ پ پ اڳواڻ ڪاشف خواجه، واحد پرهياڙ سميت صحافين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب ميرپور بٺورو پاران صحافي انتظار کٽي جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪندي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.