ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور ۾سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب

شڪارپور (ڊ ر) ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور جي اسٽاف پاران عيدالفطر, عيدالاضحي ۽ محرم الحرام جي ڏهاڙن تي بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي "شيلڊ ۽  سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب” ميونسپل ڪاميٽي لان ۾ ٿي گذري, تقريب جي مهمان خاص اڳوڻي صوبائي وزير فياض محمود شيخ پاران بهترين ڪارڪردگي تي چيف ميونسپل آفيسر عابد لطيف راجپوت, اڪائونٽس آفيسر عارف شيخ, سي ايس آء ڪامران صديقي, ميڊيا ڪوآرڊينيٽر آغا بابر پٺاڻ, لا آفيسر مصيب خان, ايڊمنسٽريٽوو آفيسر عنايت الله عديل مهر, فوڊ اينڊ سينيٽيشن انچارج اطهر عديل شيخ, انڪروئچمينٽ انچارج عمران بروهي, ڪمپلينٽ سيل انچارج حافظ عبدالبصير سومرو,گارڊن انچارج مقصود شيخ, آصف جمالي, طارق انصاري, حيدر ڪلهوڙو, علي مردان شيخ, سليم احمد بروهي, جنسار علي, بدرالدين سومرو  سميت ٻين ملازمن ۾ شيلڊ ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا, تقريب کي خطاب ڪندي فياض محمود شيخ چيو ته ماضي ۾ شهر جي صفائي سٿرائي ۾ ڪافي گهٽتائي هئي. پر ٿوري وقت ۾ ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور جي عملي ڏينهن رات جي محنتن ۽ ڪوششن سان شهر کي صاف سٿرو ڪري ڏيکاريو سندن ڪارڪردگي تسلي بخش آهي جنهن جي واکاڻ هر ڪوئي ڪري پيو, اميد آهي ته هو مستقبل ۾ به ساڳي طريقي سان محنت جاري رکندا, ان موقعي تي پروفيسر افضل شيخ, آپڪا جي ضلعي صدر عبدالوهاب ڪاغذي, لالا سرفراز خان ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو, جڏهن ته تقريب ۾ پريس ڪلب شڪارپور جي صدر سوڍو جيمس, رحمت الله سومرو, لالا اسرار خان سميت وڏي انگ ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ورڪرن شرڪت ڪئي, جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ فياض محمود شيخ پاران ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن فوتي ملازمن جي اولاد کي فوتي ڪوٽا جا آرڊر پڻ ڏنا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.