سکر ۾ پوليس ڪارروائي، چوري ٿيل ٻڪريون واپس

سکر(رپورٽر) سکر لانچ موڙ پوليس جي بهترين ڪارروائي سکر صالح پٽ ڳوٺ ڪوٽ سرائڪو مان رات دير سان عطا محمد ڀٽي جي گهر مان 2 ٻڪريون چور چوري ڪري فرار ٿي ويا، ان موقعي تي ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا ۽ پيڇو ڪري سکر پهتا، ان موقعي تي سکر لانچ موڙ پوليس چيڪنگ ڪري رهي هئي پوليس چڪينگ دوران ٽي چور گلشير ملاح محبوب شڻباڻي الطاف حسين ابوپوٽو کي موقعي تي پڪڙي ورتا ۽ صالح پٽ پوليس پهچي چوري ٿيل ٻڪريون واپس ڪرايون ۽ جوابدارن کي پوليس صالح پٽ ٿاڻي تي کڻي وي جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهي.

پڪا چانگ ۾ ڇاپو، ريلوي جو جعلي ٽڪيٽون وڪرو ڪندڙ گروهه گرفتار

فيض گنج (ن ع آ) پاڪستان ڪوچ ۾ سفر ڪندڙ  نياز حسين راڄپر قربان خاصخيلي مومن راڄپر  محمد نديم ۽ خورشيد چوھاڻ وٽان جعلي ٽڪيٽون ملڻ کان پوء انھن مٿان روھڙي ريلوي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪيو ويو گرفتار ٿيلن جانچ دوران انڪشاف ڪيو ته اسان ٽڪيٽون پڪاچانگ شھر مان احسان آرأئين  کان ورتيون آھن جنھن تي ريلوي پوليس روھڙي فيض گنج جي شھر پڪاچانگ ۾ ڇاپو ھڻي جعلسازي جي مک ڪردار احسان آرأئين کي گرفتار ڪري ورتو آھي جنھن کي ريلوي ٿاڻي روھڙي ۾ رکي وڌيڪ جانچ ڪٔئي پٔئي وڃي، معلوم ٿيو آھي ته احسان آرأئين ڪيتري وقت کان ماڻھن کي جعلي آن لأئين ٽڪيٽون ڏيندو رھيو آھي جن جو ھڪ پورو گروھ آھي جيڪو سنڌ توڙي پنجاب ۾ جعلي ٽڪيٽن جو ڪاروبار ڪن ٿا جعل سازي ۾ گرفتار ٿيل احسان آرأئين  مسلم ليگ ن جي مرڪزي ڪأئونسل جو ميمبر ھجڻ سان گڏ مسلم ليگ ن جي ايم پي اي جو ٽڪيٽ ھولڊر پڻ آھي جنھن ڪري کيس بچأئڻ لا ڪيترا بااثر سرگرم ٿي ويا آھن.

 جوهي ويجهو  ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مرڻينگ، اسپتال منتقل

جوهي  ( ن ع آ  ) ڪاڇي جي ٿاڻي ٽنڊو رحيم خان جي حد ڳوٺ شير خان شاھاڻي ۾  شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين گهرن جي  مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو هڪ ڌر جي 6 کان وڌيڪ ماڻھن ڪهاڙين ڏنڊن سان حملو ڪري چاچي بائٽي محبت ۽ صداقت شاھاڻي کي سخت ڪري ڪري جوابدار فرار ٿي ويا زخمين کي  ٽنڊي رحيم خان ٿاڻي تان ليٽر ملڻ بعد تعلقه اسپتال جوهي  پهچايو جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد هڪ صداقت شاھاڻي سيريس حالت هئڻ ڪري سيوهڻ رفر ڪيو ويو آھي , ٻئي طرف محمد علي شاھاڻي جي فرياد تي ٽنڊو رحيم خان ٿاڻي تي 6 ڄڻن مٿان جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو آھي مگر ٽنڊو رحيم خان پوليس اڃاتائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.