پکي جا آبادگار پاڻي کوٽ خلاف سراپا احتجاج، هاءِ وي تي ڌرڻو

پکو (رپورٽ : عبدالوحيد ميئو ) پکو لڳ آبادگارن پاران گھاڙ واھ ۽ گھنور شاخ جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف مين انڊس ھاء وي روڊ تي ڌرڻو ھڻي پکو _ لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف  سخت نعريبازي ڪئي ان ڏس ۾ ڳوٺ ٻلھڙا وٽ گھاڙ واھ ۽ گھنور شاخ جي پڇڙي جي سوين آبادگارن ھٿن ۾ سڪل ٻيجارو ۽ ڪوڏرون کڻي مين انڊس ھاء وي روڊ تي رڪاوٽون وجھي سخت نعريبازي ڪئي آھي اھڙي طرح مين روڊ جي ٻنھي طرفن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي آبادگارن زبير ٻلھڙو , امام الدين , خيرمحمد , ميھر علي , محمد ظفر , علي محمد ٻلھڙو ۽ ٻين دانھيبدي چيو ته گھاڙ واھ ۽ گھنور شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي جنھن سان پوکيل فصل ۽ ٻيجارا سڙي تباھ ٿي رھيا آھن پر آبپاشي عملدارن جي ڪن تي جونء به نٿي چري ھُنن وڌيڪ چيو ته شاخن جو آبپاشي عملدارن ڄاڻي واڻي پاڻي بند ڪري کوٽ پيدا ڪئي آھي شاخن جي منڍ جي آبادگارن سان ملي ڀڳت ڪري شاخن جو پاڻي چورايو وڃي ٿو جنھن سان پڇڙي سوڪھڙي جو شڪار آھي شاخن جي ٽيل تي ايترو به پاڻي ناھي جو اسان سارين جا پوکيل ٻيجارا ڀرائي سگھون ھينئر ته ساريالي فصل پوکڻ جي مند به ختم ٿيندي پئي وڃي پوکيل ٻيجارا سڙي رھيا آھن پر ڪنھن کي ڪو رحم نٿو اچي آبادگارن وڌيڪ چيو ته ھڪ طرف درياء ۾ ٻوڏ جي صورتحال ڏيکاري پئي وڃي ته ٻئي طرف شاخن کي سڪايو پيو وڃي آبپاشي عملو اي سي ۽ چيف انجنيئر لاڙڪاڻو رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ شاخن تي وارا بندي ڪري ڇڏي آھي ۽ بااثرن سياسي ماڻھن جون زمينون آباد ڪرائڻ لاء علائقي جي اثر رسوخ رکندڙ ماڻھن جي شاخن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو باقي شاخن ۾ مٿان کان پاڻي کوٽ جو جواز ڏيکاري ڍڪ نٿو ڏنو وڃي , ھُنن دانھيو ته گھاڙ واھ ۽ گھنور شاخ ۾ پڇڙي تي زرعي پاڻي ناھي پھتو جنھن سان ننڍا آبادگار معاشي طور تباھ ٿي ويا آھن ٻئي طرف ڌرڻي جو آبپاشي کاتي نوٽيس ورتو ۽ ايس ڊي او آبپاشي وسيم جوڻيجو ڌرڻي واري ھنڌ پھتو ته مڇريل آبادگارن گاڏي جو گھيراءُ ڪري سخت نعريبازي ڪئي جڏھن ته ايس ڊي او وسيم جوڻيجو آبادگارن سان ڳالھيون ڪري خاطري ڪرائي ته ڄاڻايل شاخن ۾ 24 ڪلاڪن اندر پڇڙي تائين پاڻي پھچايو ويندو ۽ اھڙي خاطري بعد آبادگارن ھنيل ڌرڻو ختم ڪري مين روڊ کي کولي ڇڏيو ۽ عام ٽريفڪ بحال ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.