باقراڻي لڳ حادثي جو زخمي اهلڪار ڪراچي ۾ فوت

باقراڻي ( ن ع آ ) 3 ڏينهن اڳ پوليس اھلڪار اظھر علي ڪنڀر ۽ آريجا ٽائون جو سوئيپر سجاد شيخ باقراڻي کان لاڙڪاڻي موٽر سائيڪل  تي وڃي رھيا ھئا ته موھن جو دڙو روڊ تي ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا ھئا جن کي باقراڻي پوليس بيھوشي واري حالت ۾ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو ھو ۽ بعد ۾ پوليس اھلڪار اظھر علي ڪنڀر کي سندس وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ ڪراچي کڻائي ويا ھئا جتي ھو فوت ٿي ويو جتان ايمبولينس ذريعي سندس لاش باقراڻي گھر آندو ويو جتي قھرام مچي ويو بعد ۾ سندس مڙھ نماز جنازا بعد مقامي قبرستان ۾ ادا ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ فوتي پوليس اھلڪار اظھر علي ڪنڀر جي ڀاءُ اطھر علي ڪنڀر صحافين کي ٻڌايو ته 3 ڏينھن اڳ منهنجي ڀاءُ اظھر علي موٽر سائيڪل تي لاڙڪاڻي وڃي رھيو ھو ته پٺيان کان اڻ ڄاتل ڪار سندس موٽر سائيڪل کي ٽڪر ھنيو جنهن بعد ھو ھيٺ ڪري سخت زخمي ٿي پيو ۽ بعد ۾ فوت ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.