ڳڙهي حسن لڳ ناري آپگهات ڪري ڇڏيو، قتل جا چئوٻول

ڳڙهي حسن (ن ع آ) ڳڙھي حسن ويجھو باھو کوسو ٿاڻي جي حدڳوٺ نور خان سندراڻي جي رهواسڻ مٿان گهر ۾ بندوقن جا فائر ناري  قتل وارثن پاران خودڪشي ڪرڻ جو الزام علائقي ۾ قتل ڪرڻ جا افواهه ، خبر  موجب ڳڙهي حسن ڀرسان باهوکوسو ٿاڻي جي حد نور خان سندراڻي ۾  20 ورهين جي مسمات ارشاد خاتون عرف جيوي زال ممتاز علي سندراڻي مٿان بندوق جو فائر ڪري قتل ڪر ڇڏيو ناري جي وارثن واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو آھي، هوڏانهن اطلاع  ملڻ تي باهو کوسو  پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي   تحويل ۾ وٺي  پوسٽ مارٽم لاءِ  تعلقي اسپتال ٺل منتقل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او باھو کوسو محمد پناهه بروهي  ٻُڌايو ته شروعاتي طور ناري جي آپگھات جا اطلاع مليا آھن ۽ افوا هن ته ناري کي قتل ڪيو ويو آهي وڌيڪ معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪريون پيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.