نندو اسڪول ٻاهران پورهيت کي کنڀڻ جي ڪوشش، شاگردن ڇڏائي ورتو

نندو ( ن ع آ )  نندو هائير سيڪينڊري اسڪول ۾ رسيس دوران سموسا وڪرو ڪندڙ پورهيت نوجوان هاشم ملاح کي نندو پوليس  گرفتار ڪري  موبائيل ۾ ويهاريو  جنهن تي رسيس سبب سوين شاگرد گرائونڊ ۾ موجود هئڻ سبب پوليس موبائيل جو گهيڙو ڪري نوجوان کي ڇڏائي ورتو جڏهن ته شاگردن جي گهيڙي ۽ مزاحمت سبب پوليس اهلڪار پوليس موبائيل گرائونڊ ۾ ڇڏي نڪري ويا هوڏانهن پورهيت نوجوان هاشم ملاح عوامي آواز سان رابطي تي ٻڌايو ته هائير سيڪينڊري ۾ رسيس مهل سموسا وڪرو ڪري پنهنجي ٻچن جو گذران ڪندو آھيان نندو پوليس اچانڪ گرائونڊ ۾ داخل ٿئي تشدد ڪري موبائيل ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي اسڪول جي شاگردن مزاحمت ڪندي مون کي بچايو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.