ٽنڊو الهيار لڳ ڪوڏر جا وار ڪري عورت قتل، جوابدار مڙس فرار

ٽنڊوالهيار (  رپورٽ : خميسو دائوداڻي )  ٽنڊو الهيار ويجهو پيارولنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير محمد رند ۾ مجيد رند پنهنجي 26 سالا نوجوان زال بشيران رند مٿان ڪوڏر جو وار ڪري اڦٽ ماري  ڇڏيو وارثن موجب مقتولا بشيران رند جي پنج سال اڳ شادي ٿي هئي، جنهن مان کيس هڪ ٻار آهي، اسان کي خبر پئي ته توهان جي ڌيءَ کي سندس مڙس ڪوڏر جا وار ڪري  قتل ڪري ڇڏيو آهي اسان واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال پهچايو آهي، پوليس موجب ته پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته مامري جي جانچ ڪريون پيا عورت جو مڙس فرار آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس کي موڪليو آهي وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.