غلام مصطفي خاصخيلي هميشه مظلومن لاءِ جدوجهد ڪئي: سعيد غني

سامارو ( ن ع آ ) سامارو ۾ سردار غلام مصطفي جي مڙھ سوين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي سياسي سماجي شخصيتن تڏي تي پهچي  پوئينرن تعذيت ڏک ونڊيو خبرموجب سامارو ۾ لاڏاڻو ڪري ويل  خصخيلي راڄوڻي اتحاد جي سربراھ ۽ اڳوڻي تعلقه ناظم اتحاد جي صدر سردار غلام مصطفي خاصخيلي جي مڙھ زرين محل جي پارڪ ڀرسان سوين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو . سندس تڏي تي سياسي سماجي شخصيتون صوبائي وزير انفارميشن سعيد غني . اڳوڻو صلاحڪار پي ٽي آئي اڳواڻ ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ . ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار خاصخيلي .ڊي بلوچ جي دلدار جتوئي . سوڀراج جتوئي . سيد ممتاز علي شاھ . اڳوڻو ايم پي اي پ پ حاجي علي مراد راڄڙ . فنڪشنل ليگ اڳواڻ خضر حيات مڱريو . پ پ ميرپورخاص اڳواڻ ڊاڪٽر عدنان ڀرڳڙي . پير اشفاق جان سرهندي . سيد ساجد شاھ . وڏيرو جمال خاصخيلي . محمد اسماعيل بلوچ  سميت پريس ڪلب جي صحافين ڏاتر بخش سينهڙو . سريش مالهي . ڪيول سورماڻي . خان محمد خاصخيلي . ذولفقار خاصخيلي . علي محمد شيدي . ۽ شھرين معزيزن پهچي تعذيت ڪري ڏک ونڊيو ان موقعي صوبائي وزير انفارميشن سعيد غني ميڊيان سان ڳالهائيندي چيو ته سردار غلام مصطفي خاصخيلي سان مائيٽاڻا تعلقات آھن هميشه عزت . احترام ۽ ادب وارو رشتو رهيو آھي ان هميشه مظلومن لاء جهدوجهد ڪئي اهو خال ڀرڻ مشڪل آھي ان پنهنجي برادري لاء جيڪا محنت ڪئي ان لاء خراج تحسين پيش ٿا ڪريون ڌڻي در اڳيان دعاڳو آھيون سردار کي جنت ۾ جاء عطا ڪري ۽ پوئنرن کي صبر عطا ڪري هوڏانهن سردار جي پوئنرن سان تعذيت جو سلسلو جاري آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.