لاڙڪاڻي ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي داخلا لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ جعلي اميدوار سوگهو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) مهراڻ يونيورسٽي جي داخلا ٽيسٽ ۾ جعلي اميدوار سوگهو، پوليس حوالي، انتظاميه طرفان سوگهو ڪيل جعلي اميدوار خلاف  ڪاروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي سال 22-2021 جي انٽري ٽيسٽ دوران سلپ تي پنهنجي تصوير لڳائي ٻئي اميدوار بدران ٽيسٽ ڏيندڙ سکر آءِ بي اي جي اليڪٽريڪل شعبي ۾ ٻئي سال جو تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد فيضان احمد لاکو کي سوگهو ڪري حد جي سچل ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جنهن تي پوليس کيس حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان انٽري ٽيسٽ وٺندڙ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي انتظاميه ٻڌايو ته سکر آءِ بي اي جي اليڪٽريڪل شعبي ۾ ٻئي سال جو تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد فيضان احمد لاکو پنهنجي دوست نديم طرفان انٽري ٽيسٽ ۾ وٺي پرچو حل ڪري رهيو هو ته شڪ پوڻ تي سندس جي سلپ جو معائنو ڪيو جيڪو جعلي محسوس ٿيڻ تي کائنس معلومات ورتي. هن ٻڌايو ته فيضان انٽري ٽيسٽ سلپ تي نديم بدران پنهنجي تصوير لڳرائي ۽ وئڪسينيشن جو ڄامشورو ڦاٽڪ تان ملندڙ جعلي سرٽيفيڪيٽ پيش ڪيو جنهن کي انٽري ٽيسٽ مان ٻاهر ڪڍي کيس پوليس حوالي ڪيو ويو آهي جنهن خلاف وڌيڪ قانوني ڪاروائي به ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.