پاڻي معاملي تي سنڌ سان سدائين ناانصافي ٿي آهي: قمبر حاجاڻو

گلشن اقبال (ن ع آ)ع ج پ مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو چيو آهي ته سنڌ سان پاڻي جي معاملي تي سدائين ناانصافي ٿي آهي 1991  واري پاڻي ٺاهه تي عمل نه پيو ڪيو وڃي ارسا ۽ پنجاب سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪرڻ ۾ سڌي طرح ملوث رهيا آهن جيڪو ناقابل برداشت عمل آهي پاڻي کوٽ سبب سنڌ واسي اڃارا آهن ۽ زارعت کي ڪاپاري ڌڪ پڻ لڳو آهي هن وڏيڪ چيو آهي ته مختلف ادارن مان 20 سالن کان ملازمت ڪندڙن کي فارغ ڪرڻ سنڌ دشمن عمل آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي سنڌ جيڪا اڳ ئي بي روزگاري کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ استعمال جون سڀ شيون خاص طور تي خوراڪ ۽ دوائن جو مهانگو ٿيڻ سبب عوام عذاب جو شڪار آهي حڪومتي جي ناڪام معاشي پاليسين پورهيت ۽ مزدور طبقي جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي عوام ايندڙ اليڪشن ۾ عوام دشمن پارٽين بدران سنڌ دوست ڌرين کي ووٽ ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.