استاد منظور علي خان ڪلاسيڪل راڳ جو وڏو نالو آهي: مقرر

ٽنڊوآدم  ( ن ع آ) سنڌ جي  مهان راڳي  خانصاحب استاد منظور علي خان جي 41 هين ورسي ٽنڊي آدم ۾ ملهائي وئي.صبح سوير خاندان پاران  سندس روح کي ايصال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪرائي وئي جڏهن ته سندس آخري آرامگاھ تي ڀائيٽي استاد نادر علي خان ، همير علي خان ، مهتاب علي خان ، سڪندر علي خان ۔  وفا رضا بلوچ ، امداد راهي ،  سليمان ساند ، گل حسن لاکو ، ساگر ڏهراج  ، دودو پنهور ، زاهد حسين مري ، طارق جوڻيجو ، محمدي فقير ، خالد خاصخيلي ، علي رضا ساند ۽ ٻين گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري.  ٻئي طرف مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي پاران پڻ استاد منظور علي خان جي ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب کي پير بهاءِ الدين سرهندي، اصغر خواجا ،نور محمد ساند ،  آچر خاصخيلي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته استاد  منظور علي خان راڳ جو وڏو پارکو ۽ خوبصورت گائڪ پڻ هو. سندس شخصيت موسيقي ۽ محبتن جي امين هئي . ڪلاسيڪل راڳ ٺهڪي کان بغير ناممڪن آهي، ٺهڪو ڪلاسيڪل راڳ جو بنياد آهي استاد منظور علي خان ڪلاسيڪل راڳ جو هڪ وڏو نالو آهي ۽ سندس ڳائڻ جو انداز نرالو آهي  جڏهن ته ثقافت کاتي پاران سنڌ جي هن ڀلوڙ راڳي جي ورسي جي موقعي تي ڪا به تقريب نه ڪوٺائي وئي جنهن تي هتان جي ساڃاھ وندن ڏک جو اظهار ڪيو هنن مطالبو ڪندي متفقه طور  قرارداد منظور ڪئي ته ٽنڊي آدم شهر ۾ استاد منظور علي خان جي نالي سان ڪو هنڌ، اسڪول يا لائبريري منسوب ڪئي وڃي۔ جڏهن ته فنڪاره فائزه علي، دين محمد دمساز، سرور سهتو رضوان عباس ۽ شاهد جبار جوڻيجو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري استاد کي ڀيٽا پيش ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.