جهڏي ۾ناري جي قبر ڪشائي لاءِ ٽيم پهتي

جهڏو (ن ع آ) جهڏو ڀرسان ڏاجهيرو موري ۾ 4 مھينا اڳ مبينا ڦاھو کائي خودڪشي ڪندڙ ناري شريمتي ماروي زال مادو ڪولهي جي لاش جو  پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ قبر ڪشائي لاءِ پهتل ٽيم فريادي ۽ جوابدار ڌر ۾ ٺاهه بعد بنا ڪارروائي جي واپس هلي وئي واضح رهي ته پنج مهينا اڳ ناري مبيناطور ڦاهو کائي آپگهات ڪيو هو جڏهن ته عمر ڪوٽ واسي ناري جي پيءُ چنو ڪولھي جھڏو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سندس ڌيءَ کي ان جي مڙس ماڌو ڪولھي ۽ سھري ماوجي ڪولھي پيٽ ۾ چاقو ھڻي قتل ڪيو آهي جنهن بعد عدالتي حڪم تي گهگهه موري ڀرسان قائم قبرستان ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ ڊگهڙي ۽ حيدرآباد کان آيل ميڊيڪل بورڊ جي ٽيم ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ۽ قبر ڪشائي لاءِ پهتي ته ڪيس جي فريادي ناري جي پيءُ چنو ڪولھي قبر ڪشائي ڪرڻ نه ڏني ۽ ٽيم سامهون بيان رڪارڊ ڪرايو ته منهنجي ڌيءَ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو هو مون غلط فهمي ۾ اچي منهنجي ناٺي ۽ ان جي پيءُ خلاف ڪيس داخل ڪرايو ھو ناري جي پيءُ جي اهڙي بيان بعد ٽيم بنا ڪارروائي جي واپس روانو ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.