لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال مان ٽيسٽ بهاني پئسا ڦريندڙ فرار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ نامعلوم چور ٽيسٽن جي بهاني اوستا محمد واسي بيمار پيرسن نور  محمد ڀنگر جي وارثن کان 6 هزار روپيه ڦر ڪري فرار ٿي ويو جنهن تي بيمار پيرسن جي وارثن اسپتال ۾ احتجاج پڻ ڪيو. ان موقعي تي علي نواز ڀنگر پنهنجي وارثن سان گڏجي دانهيو ته مون پنهنجي پيرسن پيءُ نور محمد ڀنگر کي اڄ صبح جي وقت ساهه جي تڪليف سبب اوستا محمد کان کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي جتي ڊاڪٽرن پيرسن پيءُ جو طبي معائنو ڪري پرچي تي ڪجهه ٽيسٽون لکي ڏنيون ته اتي موجود هڪ نامعلوم همراهه اچي منهنجي هٿن کان وٺي رعايتي ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ هڪ ليباريٽري ۾ وٺي ويو پر هڪ به ٽيسٽ به نه ڪرائي ۽ صرف لکيل پرچي هٿ ۾ ڏئي ٻيهر اسپتال روانو ڪيو.  جتي مون پرچي ڊاڪٽرن کي ڏيکاري جن چيو ته هي ٽيسٽ رپورٽون ناهن. هن چيو ته نامعلوم همراهه مون کان پيءُ جي ٽيسٽن بهاني 6 هزار روپين جو فراڊ ڪري ظلم ڪيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته پئسا واپس ڪرائي فراڊي همراهه کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن اطلاع تي حد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس پوليس معاملي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.