جهول ويجهو دم واهه کي 40 فوٽ گهارو، ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ

جھول (ن ع آ) جهول ويجھو ايريگيشن وارن جي نااهلي دم واھ کي گهنڊڻ ڀرسان 40 فٽ گهارو 10 کان مٿي گوٺ پاڻي هيٺ سوين ايڪڙن تي تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ پي ايس 46 سنجھورو جي ايم پي اي خليفي وريام فقير خاصخيلي گهاري واري هنڌ پهچي 10 ڪلاڪ گذرڻ بعد گهارو بند ڪرايو ڳوٺاڻن ۾ خوشي جي لهر خبر موجب جهول ويجھو ڳوٺ گهنڊڻ ڀرسان رات دير سان دم واھ کي 40 فٽ گهارو؛ ڳوٺ محمد رحيم مري؛ ڳوٺ صاحب خان مري؛ ڳوٺ پليو خان مري سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسان هن مهل ڳوٺ خالي ڪري ٻاهر بي يارو مددگار ٿي ويٺل آهيون اسان جي ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته گهاري واري هنڌ فنڪشنل مسلم ليگ پي ايس 46 سنجھورو جو ايم پي اي خليفي وريام فقير خاصخيلي سوين ماڻهو ۽ ڪرين ساڻ ڪري پهتو جتي 10 ڪلاڪ گذرڻ بعد ايم پي اي خليفي وريام فقير خاصخيلي جي ڪاوشن سان گهارو بند ڪيو ويو آهي جڏهن مرچ؛ بصر؛ ڦٽين جو فصل وغيره سوين ايڪڙن تي بيٺل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي هتان جي آبادگارن حڪومت سنڌ کان گهر ڪئي آهي ته اسان جي نقصان جو ڪاٿو لڳائي اسان کي ٿيندڙ نقصان جو آزالو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.