شادي پلي ويجهو گهر جي ڇت ڪري پئي، پيرسن فوت

شادي پلي ( ن ع آ ) شادي پلي شهر ريلوي ڪالوني جي مسواڙي  گهر ۾ رهندڙ گجراتي برادري سان تعلق رکندڙ ڪٽنب مٿان گهر جي ڪمزور ڇت اوچتو ڌماڪي سان ڊهي پئي جنهن سبب مسواڙي گهر ۾ رهندڙ ۽ ريلوي اسٽيشن جي صفائي سٿرائي ڪندڙ خاڪروب ( ڀنگي ) هڪ پير کان معذور 50 ورهين جو پيرسن نارائن عرف نارو گجراتي  ۽ سندس ٻه نياڻيون 12 ورهين جي نيئان  ۽ ڏھ ورهين جي سينئان ڇت هيٺيان دٻجي زخمي ٿي پيون ۔  جڏهن ته ڌماڪي جو آواز ٻڌي پوليس توڙي شهري سرزمين تي پهچي ڇت هيٺان دٻيل زخمين کي ٻاهر ڪڍي بي ايڇ يو شادي پلي آندو جتي معصوم نياڻين کي معمولي زخم رسڻ ڪري مرهم پٽي بعد گهر روانو ڪيو ويو ۔ جڏهن ته  شديد زخمي پيرسن نارائڻ گجراتي ( ڀنگي)کي ايمبولنس ذريعي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ميرپورخاص سول اسپتال ريفر ڪيو ويو۔  جيڪو اسپتال پهچڻ بعد ڪجھ دير کانپوۡ  زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش  وارث سندس اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو  ۔ ٻئي طرف فوتي نارائڻ گجراتي زخمي حالت دوران ٻڌايو ته گهر جي ڪمزور ڇت هجڻ بابت گهر ڌڻي کي اطلاع ڪيو هو پر گهر ڌڻين ڪو به ڌيان نه ڏنو.

مڪلي ۾ڪاروباري مرڪز تي فائرنگ، ڏهڪاءُ

ٺٽو(ڊر) مڪلي تي فنڪشنل ليگ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ شاهنواز بروهي جي ڪاروباري مرڪز تي سندس مزدورن مٿان شرپسندن پاران فائرنگ ڪري علائقي ۾ ڏھڪاء پکيڙي ڇڏيو، جنھن ڪري سوين علائقي واسي گڏ ٿي ويا تہ شرپسند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، پر حد جي پوليس ڪا بہ ڪاروائي عمل ۾ آڻي ناھي سگھي. ان سلسلي ۾ فنڪشنل ليگ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ شاھنواز بروھي چيو آھي تہ سندس غير موجودگي ۾ سندس مڪلي واري ڪاروباري مرڪز تي سندس ملازمن مٿان شرپسندن پاران فائرنگ ڪري انھن کي بلاجواز خوفزدہ ڪري علائقي ۾ ڏھڪاء پکيڙي ڇڏيو آھي، شاھنواز بروھي چيو تہ اسان شريف ڪاروباري مانھون آھيون، اھڙو عمل ھرگز برداشت نہ ڪنداسين. ھن چيو تہ ھڪ ڀيرو بيھر ھٿ وٺي ھتان جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنھن جي ڪنھن کي بہ اجازت نہ ڏينداسين. ھن چيو تہ افسوس جي ڳالھ آھي تہ ھت ھيتري فائرنگ ڪئي ويئي آھي، جنھن ۾ وڏو ڪو نقصان بہ ٿي سگھيو پي، پر مڪلي پوليس وقت سر نہ پھچڻ بہ ھڪ سوالہ نشان آھي. ھن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ فورن ھن معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائي فائرنگ ڪندڙ شرپسندن کي گرفتار ڪري علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي بھتر ڪيو وڃي، ھوڏانھن فنڪشنل ليگ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ شاھنواز بروھي جي مڪلي واري مرڪز تي پورھيتن مٿان ٿيل فائرنگ جي پ پ پ ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي، پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي جي صدر رئيس ارسلان خان بروھي، ملاح اڳواڻ ڏاڏا محمد آدم گندرو، پير زين العابدين شاھ، پيرمحمد علي شاھ، پير منصور جيلاني، پير عادل شاھ راشدي، پير رياز قريشي، حاجي خير محمد بروھي، ڊاڪٽر عبدالواحد بروھي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ وڪيل منور ڀٽو سميت سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فائرنگ ڪندڙ شرپسندن کي گرفتار ڪري کين سخت سزائون ڏيئي فنڪشنل ليگ جي اڳوان شاھنواز بروھي سميت سمورن شھرين کي تحفظ مھيا ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.