ڊي سي سجاول هٽايو، اڄ شهر ۾شٽربند هڙتال جو اعلان

سجاول (ڊ ر) سجاول جو ڊپٽي ڪمشنر هٽايو تحريڪ جي سلسلي ۾ آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي پاران سڀاڻي اڄ سجاول شهر ۾ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي، ان موقعي تي آل پارٽيز ايڪشن  ڪميٽي پاران لائوڊ اسپيڪر ذريعي شهر جي دوڪاندارن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته نااهل ڊي سي سجاول هٽائڻ لاءِ آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي ضلعي سجاول پاران سڀاڻي جمعي جي ڏينهن شهري پنهنجو سمورو ڪاروبار بند ڪري ٻڌي جو ثبوت ڏين، ٻئي طرف آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن يونس ڀان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي ضلعي سجاول پاران ضلعي سجاول جي بنيادي مسئلن کان لاتعلق بڻيل ڊي سي سجاول اسماعيل ميمڻ کي هٽائڻ لاءِ  مرحليوار تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي جنهن جي پهرين مرحلي ۾ شاندار احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ۽ سڀاڻي ٻئي مرحلي ۾ سجاول ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي اميد ته شهري پنهنجو سمورو ڪاروباري مرڪز بند رکندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.