احمدپور پوليس جي ڪارروائي، منشيات فروش گرفتار

احمدپور (ن ع آ) احمدپور پوليس ڳوٺ فتح علي چانڊيو مان مبينا طور منشيات فروش نوجوان فياض علي چانڊيو کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس مبينا منشيات فروش جي قبضي مان 250 سئو گرام چرس هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪندي سرڪاري فرياد تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو آهي.

اوٻاوڙو ۾ مرحوم حاجي عبدالرحمان چاچڙ جو ٽيجهو ٿي گذريو

اوٻاوڙو  ( ن ع آ )  اوٻاوڙو ۾ مهر گروپ جو اهم اڳواڻ چاچڙ برادري جي چڱي مڙس مرحوم حاجي عبدالرحمان چاچڙ جو چاچڙ هائوس اوٻاوڙو تي ٽيجهو ٿي گذريو جتي قرآني خواني ۽ خيرات في سبل الله ڪئي وئي، ان موقعي تي محروم جي وڏي پٽ مير الله ورايو چاچڙ کي پڳ ٻڌائي وئي پڳ جي رسم ضلعي گهوٽڪي جي معززين سردار  غلام گوهر خان چاچڙ، سردار غلام عباس عرف پپو خان چاچڙ، سيد ارشاد شاھ اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مھتاب حسين خان ڏهر جي فرزند ڄام ياور خان ڏهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي

 احمدپور لڳ ميتلا برادري جو چڱو مڙس لاڏاڻو ڪري ويو

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ مشھور صوفي اولياء درگاھ پيرشھبازي جو خدمتگار فقير ۽ ميتلا برادريء جي معزز شخصيت  گاجي خان ميتلو ڪجھ عرصو بيمار رهڻ سبب خيرپور جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي سندس جنازي نماز ۾ علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين توڙي برادريء جي ماڻھن وڏي انگ شرڪت ڪئي. بعد ۾ کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي ٻئي طرف مرحوم جي پوئنرن سان درگاھ پيرشھبازي تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

 حيدر آباد ۾ ٽرانسفامر ڪري پوڻ ڪري نوجوان زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي ذيشان سوسائٽي ۾  بجلي جي کنڀي مان ٽرانسفارمر اوچتو ڌماڪي سان ڪري پيو. جنهن جي نتيجي ۾ اتان گذرندڙ فهد نالي همراهه زخمي ٿي پيو.  حيسڪو جي عملي پھچي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ڪريل ٽرانسفارمر کڻايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.