چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال ۽ عدم اعتماد جي فضا

ايڊيٽوريل

تحريڪ انصاف جي حڪومت جتي ٻيا ڪيترائي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، اتي ملڪ جي چونڊن جي نظام کي اليڪٽرانڪ مشين ذريعي منعقد ڪرائڻ لاءِ بضد آهي، ان لاءِ تحريڪ انصاف جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري وزارت پاران پهريون ڀيرو ووٽنگ اليڪٽرانڪ مشين پڻ متعارف ڪرائي وئي آهي،  اليڪٽرانڪ مشين بابت سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته اهڙي مشين وزيراعظم جي حڪم تي 90 ڏينهن جي اندر جوڙي وئي آهي، جيڪا مڪمل طور تي مقامي سطح تي جوڙي وئي آهي، سندس چوڻ آهي ته هن وقت سموري دنيا پنهنجي ملڪن اندر چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ذريعي ڪرائي رهي آهي، تنهنڪري اسان کي به ان طرف وڃڻو پوندو، ڇو جو ووٽنگ مشينن جي ذريعي ئي اسين چونڊن ۾ ٿيندڙ ڌانڌلين کي روڪي سگهنداسين، سندس اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزرت پاران جيڪا مشين جوڙي وئي آهي ان مشين جي آر ٽي ايس سسٽم وانگر ناڪارا ٿيڻ جو به ڪو امڪان نه آهي ۽ اها مشين انٽرنيٽ سان به منسلڪ نه ٿي رهي تنهنڪري ڪنهن به طور تي چونڊن جي ڳڻپ هيڪ ٿيڻ جو به امڪان نه آهي ، جڏهن ته ان ۾ استعمال ٿيندڙ  بيلٽ پيپر پڻ ٿرمل آهي جيڪو ٻئي ڪنهن به هنڌ تيار نه ٿو ٿي سگهي ، هن مشين جي استعمال سان ٺپي جي استعمال ڪرڻ جي به ضرورت نه پوندي، جڏهن ته هڪ ووٽ جي ڪاسٽ ڪرڻ کان ٺيڪ هڪ منٽ بعد وري ٻيو ووٽ ڪاسٽ ٿي سگهندو. مشين جيئن ته مقامي طور تي تيار ڪيل آهي تنهنڪري ان ۾ تبديلي پڻ ڪري سگهجي ٿي.

ملڪ ۾ چونڊون اليڪٽرانڪ مشين ذريعي ڪرائڻ متعلق تحريڪ انصاف جو وزيراعظم عمران خان ڪافي حد تائين پرجوش آهي ۽ سندس به اهو ئي چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلين کي ختم ڪرڻ جو هڪڙو ئي رستو آهي ته چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ئي ڪرايون وڃن، وزيراعظم عمران خان جي خواهش پنهنجي جاءِ تي، پر حقيقت اها آهي ته 2018ع جي چونڊن ۾ آر ٽي ايس سسٽم جي اوچتي ناڪاره ٿيڻ وارو واقعو اڄ به ماڻهن کي ياد آهي ۽ ان کان سواءِ ملڪ جي بدعنوان چونڊن جي تاريخ ۾ پڻ ملڪ جي سياسي تاريخ جو هڪ بدترين باب آهي، رهيو سوال تحريڪ انصاف جي دور ۾ چونڊون اليڪٽرانڪ مشين ذريعي ڪرائڻ وارو سوال ته ان جي جواب ۾ ملڪ جي وسيع تر سياسي، سماجي ۽ جمهوري حلقن عدم اعتما جو اظهار ڪيو آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پڻ اليڪٽرانڪ مشين ذريعي چونڊُن ڪرائڻ واري عمل تي پنهنجي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

اليڪٽرانڪ مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان سينيٽ جي پارلياماني ڪميٽيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته  سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزارت پاران جوڙيل اي وي ايم مشين ذريعي ٿيندڙ نيون چونڊون ڪنهن به طور تي آزاداڻيون، شفاف ۽ قابل اعتماد چونڊون نه ٿي سگهنديون. جڏهن ته هن وقت تائين مخالف ڌر جي ڪنهن به پارٽيءَ پاران اهڙي ڪنهن به مشين جي حمايت نه ڪئي وئي آهي جنهن ذريعي چونڊون ڪرايون وڃن.

ٻئي پاسي اها به ڳالهه ذڪر لائق آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جيڪي 37- اعتراض داخل ڪيا آهن، جن مان 27 الزامن جو مشين جي فني پاسي سان ڪوبه تعلق نه آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جي سمورين پارٽين کي پنهنجا اعتراض داخل ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي وئي آهي. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان مٿي جيڪا به صورتحال بيان ڪيل آهي ان مان چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اصل مسئلو چونڊن جي ڪنهن به ذريعي جو نه آهي، پر اصل مسئلو چونڊن جي ذريعي جو قابل اعتماد هجڻ آهي، موجوده صورتحال ۾ جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت ڪا وسيع نموني فني ڄاڻ نه ٿي رکي پر تنهن هوندي به چيف اليڪشن ڪمشنر جيڪي اعتراض رکيا آهن، اهي اعتراض رڳو اهو ئي باور ڪرائن ٿا ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ٿيندڙ چونڊون ڪنهن به طور تي شفاف ٿي نه سگهنديون.

هاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪو فيصلو ڪرڻو آهي يا وري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڪرڻو آهي ته ان جو جواب نه ۾ آهي، ۽ جيڪڏهن حڪومت کي ڪرڻو آهي ته حڪومت هر حالت ۾ اها ڪوشش ڪري رهي آهي ته چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ئي ٿين، انهيءَ سلسلي جي هڪ دلچسپ حقيقت اها آهي ته ملڪي سطح تي وسيع تر عوامي حلقن جو خيال اهو آهي ته هاڻي ايندڙ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرائڻ ۽ ووٽ چورائڻ لاءِ اهڙي مشين تيار ڪرائي آهي. هاڻي اهڙي صورتحال ۾ اهو فيصلو ٿيڻ انتهائي مشڪل آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ٿئي يا نه ٿئي. اسان ان خيال جا آهيون ته چونڊن ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعن کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪو هرج نه آهي، پر ان جي لاءِ ضروري آهي ته گذريل ستر سالن ۾ عوام جي ووٽن تي جيڪي ڌاڙا لڳا آهن، انهن وسيع طور تي عوام ۾ بداعتمادي پيدا ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي، عين ممڪن آهي ته ان بعد اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال تي ڪي به اعتراض نه رهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.