عالمي دهشتگردن تي مشتمل افغان ڪابينه

تحرير: حارث قدير

افغانستان ۾ طالبان جي قبضي بعد جيڪا عبوري حڪومت تشڪيل ڏني وئي آهي، ان ڪابينه جي وزيراعظم سميت گهٽ ۾ گهٽ 14- وزير گڏيل قومن جي دهشتگردن بابت مرتب ڪيل لسٽ ۾  شامل آهن، جڏهن ته افغانستان جو گهرو معاملن وارو وزير سراج الدين حقاني آمريڪا کي گهربل دهشت گردن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي شامل آهي، ان جي سر جي قيمت آمريڪا طرفان 10 ملين ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي، ان کان علاوهه آمريڪي جيل گونتاناموبي جيل مان هڪ آمريڪي فوجي اهلڪار جي بدلي آزادي ماڻيندڙ 5 طالبان اڳواڻ پڻ افغانستان جي عبوري حڪومت ۾ شامل آهن.

ٿي سگهي ٿو ته گڏيل قومن پاران جن طالبان اڳواڻن جي لسٽ مرتب ڪئي وئي آهي انهن ۾ دهشت گرد قرار ڏنل اڳواڻن جو انگ وڌيڪ هُجي، بي بي سي مطابق اڪثر طالبان اڳواڻ پنهنجي عرفيت سان سڃاتا ويندا آهن، تنهنڪري انهن جي بحيثيت دهشتگرد جي سڃاڻپ ڪرڻ ممڪن نه آهي، پر ان هوندي به اڪثر اڳواڻن جي سڃاڻپ بعد ئي انهن کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي.

عبوري حڪومت جي وزيراعظم ملا محمد حسن آخوند تي باميان ۾ ٻڌها جو مجسمو ٽوڙڻ ۽ هزاره جي شيعه اڳواڻ عبدالعلي مزاريءَ جي مجسمي کي ٽوڙڻ جا حڪم جاري ڪرڻ جو پڻ الزام آهي. نامزد ٿيل ڪابينه ۾ گهرو معاملن وارو وزير سراج الدين حقاني آمريڪا کي انتهائي گهربل دهشتگردن ۾ شامل آهي.

گڏيل قومن پاران جن افغان ڪابينه ۾ شامل طالبان اڳواڻن جي بحيثيت دهشتگرد جيڪا لسٽ مرتب ڪئي وئي آهي، ان لسٽ ۾ وزيراعظم ملا حسن آخوند، نائب زيراعظم ملا عبدالغني برادر، مولوي عبدالسلام خفي، دفاع وارو وزير مولوي محمد يعقوب، گهرو معاملن وارو وزير سراج الدين حقاني، پرڏيهي معاملن وارو وزير امير خان تقي، پاڻي ۽ بجليءَ جي معاملن وارو وزير ملا عبدالطيف منصور، ٽيلي ڪميونيڪيشن وارو وزير نجيب الله حقاني ، مهاجرن جو وزير خليل الرحمان حقاني، ڊائريڪٽر انٽيليجنس عبدالحق واثق، اقتصاديات وارو وزير قاري دين محمد حنيف، ڊپٽي پرڏيهي وزير شير محمد عباس ستانڪز.ي، سرحدي ۽ قبائلي معاملن وارو وزير نور الله نوري، گهرو معاملن وارو ڊپٽي وزير مولوي نور جا نالا شامل آهن.

گوانتاناموبي جي ” طالبان فائو جي نالي سان سڃاتو ويندڙ پنجن طالبان مان 4 طالبان افغانستان جي عبوري حڪومت ۾ اهم عهده ڏنا ويا آهن، جن مان ملا واثق کي انٽيليجنس جي اداري جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، خير الله خير کي اطلاعات ۽ ثقافت جي وزارت ڏني وئي آهي، ملا نور الله نوريءَ کي سرحدي ۽ قبائلي معاملن جو وزير بڻايو ويو آهي جڏهن ته ملا محمد فاضل کي دفاع جي وزارت ۾ نائب وزير مقرر ڪيو ويو آهي، اهي چارئي طالبان اڳواڻ طالبان جي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ پڻ اهم عهدن تي موجود رهيا آهن، جڏهن ته ملا محمد فاضل ۽ ملا عبدالحق واثق کي ٻيهر انهن ئي کاتن جي ذميواري ڏني وئي آهي جن ۾ هو اڳ ئي ڪم ڪري چڪا آهن.

اردو نيوز موجب انهن چئني اڳواڻن ۽ انهن جي ساٿي محمد نبي عمري کي جون 2014ع ۾ اوباما انتظاميه آمريڪي فوجي اهلڪار سارجنٽ بوبرگڊال جي بدلي آزاد ڪيو هو، ان ڪري انهن کي طالبان فائو جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، سارجنٽ بوبرگڊال کي 2009ع ۾ افغانستان جي اوڀر واري صوبي پڪتيا ۾ قائم هڪ چيڪ پوسٽ تان طالبان جي حقاني نيٽ ورڪ جي ڪارڪنن اغوا ڪيو هو.

انهن پنجن ئي طالبان اڳواڻن کي 2001ع – 2002ع دوران افغانستان ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن مان گرفتار ڪري گوانتاناموبي جيل آمريڪا منتقل ڪيو ويو هو، جون 2014ع ۾ پنهنجي آزاديءَ بعد اهي پنج ئي اڳواڻ قطر ۾ آمريڪي ۽ قطري اختيارين جي نگرانيءَ ۾ رهيا ۽ انهن جي سفر تي پابندي رهي.

افغانستان جي عبوري ڪابينه ۾ جن طالبان اڳواڻن کي شامل ڪيو ويو آهي، انهن جي فهرست ۽ مٿن لڳل الزام ڪجهه هن ريت آهن ۽ هو دنياجي ڪهڙن ادارن کي گهربل آهن، انهن جا تفصيل به پيش آهن.

هيبت الله آخوندزاده

طالبان حڪومت جي نئين سپرين ليڊر هيبت الله آخوندزاده کي مئي 2016ع ۾ طالبان جو سپريم ڪمانڊر نامزده ڪيو ويو هو، هو طالبان جي بنيادي ميمبرن مان هڪ آهي، هو هڪ جنگي ڪمانڊر کان وڌيڪ هڪ مذهبي اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو، ماضيءَ ۾ طالبان جي شرعي عدالتن جو سربراهه پڻ رهي چڪو آهي، هو سخت اسلامي سزائون ڏيارڻ ۽ سخت اسلامي قانون متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان ڪافي مشهور آهي. هو اڃان  تائين منظر عام تي نه آيو آهي، سندس جا ” شورى ڪوئٽه“ سان انتهائي ويجها تعلقات آهن، بي بي سي جي دعوى آهي ته هو پاڪستان جي شهر ڪوئٽه ۾ رهائش پذير آهي. سپريم ڪمانڊر جي حيثيت سان هو حڪومت جي سياسي، فوجي ۽ مذهبي معاملن جو انچارج هوندو.

ملا محمد حسن آخوند

عبوري وزيراعظم جي فائز ملا محمد حسن آخوند انهن چئن طالبان اڳواڻن ۾ شامل آهي جن 1994ع  ۾ طالبان جو بنياد رکيو هو، هو ڊگهي عرصي تائين طالبان جي شورى جو رهبر رهيو آهي، طالبان جي گذريل حڪومت ۾ پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم جي عهدي تي مقرر رهيو آهي، هو گڏيل قومن جي دهشتگردن واري لسٽ ۾ شامل آهي.

سراج الدين حقاني

افغان عبوري حڪومت ۾ شامل گهرو معاملن وارو وزير سراج الدين واحد شخصيت آهي جيڪا آمريڪا جي تحقيقاتي اداري ايف بي آءِ کي انتهائي گهربل دهشتگردن ۽ ڏوهارين جي لسٽ ۾ شامل آهي  ۽ آمريڪي سرڪار سندس جي سر جي قيمت 10- لک ڊالر مقرر ڪئي آهي، هو پنهنجي والد جلال الدين حقانيءَ جي وفات بعد حقاني نيٽ ورڪ جو نئون اڳواڻ مقرر ٿيو هو ، کيس آمريڪي نواز افغان فورسز ۽ اولهه جي اتحادين تي سخت حملن ڪندڙ جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو آهي.

حقاني نيٽ ورڪ کي آمريڪا علائقي جي سڀ کان وڏي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آهي ۽ ان تنظيم کي علائقي جي سڀ کان طاقتور هٿيار بند گروپ قرار ڏنو ويو آهي، ڪجهه ماهر ان کي دائش کان به وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي رهيا آهن، هي گروپ پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ طالبان جي مالي ۽ فوجي اثاثن جي نگراني ڪندو آهي.

ملا عبدالغني برادر

عبوري وزيراعظم عبدالغني برادر طالبان تحريڪ جو شريڪ باني آهي، ان کي فيبروري 2010ع ۾ ڪراچي ۽ آمريڪا جي پاڪستان جي گڏيل آپريشن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. هو 8 سالن تائين پاڪستان جي جيلن ۾ قيد رهيو ۽ کيس جنوري 2019ع ۾ آمريڪي ڪوششن سان آزادي ملي ان بعد کيس قطر ۾ طالبان جي سياسي دفتر جو سربراهه بڻايو ويو. هو پهريون طالبان آهي جنهن ڪنهن به آمريڪي صدر سان سڌو سنئون ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، 2020ع ۾ هُن اهڙي ڳالهه ٻولهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪئي هُئي.

ملا محمد يعقوب

دفاع وارو عبوري وزير ملا محمد يعقوب طالبان جي باني ملا عمر جو پُٽُ آهي، هو طالبان جي فوجي ڪارروائين جو سربراهه رهيو آهي، طالبان جي اڳوڻي اڳواڻ ملا اختر منصور جي مارجي وڃڻ بعد ڪجهه طالبان کيس نئون سپريم ڪمانڊر مقرر ڪرڻ پئي گهريو پر ٻين ڪافي طالبان اڳواڻن ان جي مخالفت ڪئي هُئي.

ملا عبدالحق واثق

عبوري حڪومت ۾ انٽيليجنس جي شعبي جي مقرر ڪيل چيف عبدالحق جو تعلق افغانستان جي صوبي غزنيءَ سان آهي ، هُن ڪوئٽه جي هڪ ديني مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي آهي، هو ماضي ۾ به ڊپٽي انٽيليجنس چيف رهيو آهي، کيس 2001ع ۾ عزنيءَ ۾ آمريڪي فورسز گرفتار ڪيو هو.

خيرالله خيرخواه

اطلاعات ۽ ثقافت وارو وزير خير الله خير سيد ولي خير خواهه پهريان به طالبان جي ترجمان طور ڪم ڪندو رهيو آهي، خير خواهه پاڪستان ۾ هڪ افغان پناهه گير جي حيثيت ۾ پڻ رهي چڪو آهي، آمريڪا جي دفاع واري کاتي جي ڪاغذن موجب کيس فيبروري 2002ع ۾ پاڪستان جي صوبي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو بعد ۾ ڪوئٽه ۾ ان کي آمريڪي فورسز جي حوالي ڪيو ويو هو، جتان بعد ۾ کيس گوانتاناموبي جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو. 54- سالن جو خيرخواهه قنڌار جي پشتون پوپلزئي قبيلي سان تعلي رکي ٿو ، سندس شمار طالبان جي اولين ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. آمريڪا جي دفاع واري وزارت جي دستاويزن موجب هو طالبان جي ترجمان طور هرات کان پاڪستان سرحدي شهر چمن تائين باقاعدگيءَ سان ايندو هو ته جيئن طالبان جي سرگرمين کان ميڊيا کي باخبر ڪري سگهي. ملا خيرخواهه حامد ڪرزئي جو ويجهو دوست سمجهيو ويندو آهي، ڪرزئي سان سندس تعلقاتن متعلق طالبان سربراهه ملا محمد عمر اعتراض پڻ ڪندو رهيو هو. 2011ع ۾ افغان صدر حامد ڪرزئي آمريڪا کان ملان خير خواهه جي آزاديءَ جي درخواست ڪئي هُئي جيڪا آمريڪا رد ڪري ڇڏي هُئي.

ملا فاضل مظلوم

افغانستان جي اتر واري صوبي اورزگان سان تعلق رکندڙ ملا مظلوم طالبان جي پهرين حڪومتي دور ۾ حڪومت جو نائب دفاع وارو وزير هيو ۽ فوجي سربرارهه هيو، نئين عبوري دور ۾ کيس ٻيهر دفاع وارو نائب وزير مقرر ڪيو ويو آهي، وڪي ليڪس موجب گوانتاناموبي سان تعلق رکندڙ آمريڪي دستاويزن موجب مٿس اقليتي گروهه جي ماڻهن کي وڏي پئماني تي قتل ڪرائڻ جو الزام آهي. ملا فاضل سوويت فوج جي افغانستان تي قبضي دوران پاڪستان ۾ هڪ افغان پناهه گير طور تي پڻ رهي چڪو آهي، هن ديني تعليم ڪوئٽه جي هڪ ديني مدرسي مان حاصل ڪئي آهي. 1995ع ۾ هو قنڌار ۾ بطور هڪ سپاهي ڀرتي ٿيو هو، نومبر 2001ع ۾ ازبڪ جنرل عبدالرشيد دوستم جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪيائين. دوستم کيس ٻين هزارين طالبان قيدين سان گڏ آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.

ملا نورالله نوري

عبوري افغان حڪومت ۾ سرحدي ۽ قبائلي معاملن واري عبوري وزير ملا نور الله نوريءَ جو تعلق ڏکڻ واري صوبي زابيل جي علائقي شاهه جوئيءَ سان آهي. هُن 1999ع ۾ جلال آباد ۾ گورنر مولوي ڪبير جي محافظ طور تي طالبان ۾ شموليت اختيار ڪئي هُئي ۽ ترقي ڪندي ڪندي بلخ ۽ لغمان صوبن تائين طالبان جي گورنر طور مقرر ٿيندو رهيو، هُن به جنرل عبدالرشيد دوستم جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا ها، ۽ کيس به دوستن ٻين هزارين طالبان سان گڏ آمريڪا جي حوالي ڪيو هو.

آمير خان متقي

عبوري حڪومت ۾ پرڏيهي معاملن جي وزير امير خان متقيءِ جو شمار به طالبان جي سينيئر اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو هو افغانستان مان آمريڪي فوج سميت اولهه جي اتحادين جي نيڪاليءَ وارين ڳالهين ۾ پڻ شامل رهي چڪو آهي.

افغانستان جي عبوري حڪومت ۾ شامل اڪثر وزير ۽ وزيراعظم آمريڪا کي دهشتگرديءَ جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهن، افغان عبوري حڪومت دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي شايد اڪيلي حڪومت هُجي جنهن ۾ ايتري انگ ۾ دهشت گرديءَ جي ڪيسن ۾ گهربل ماڻهو شامل هجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.