کيبر واسڻ نينگري پراسرار نموني گم، وارثن جو اڏيرو لعل ۾ احتجاج

اڏيرولعل وليج  (ن ع آ) اڏيرولعل لڳ کيبر شھر جي رھواسڻ  ڊائي عرف سميران  منڱڻهاڙ 7 محرم تي پنھنجي مائٽن ڏانهن  سڪرنڊ گهمڻ وئي ھئي جيڪا اتان کان لاپتا ٿي وئي آھي. ان موقعي تي ناري جي وارثن پاران جنھن ۾ ڇوڪري جي ماء مسمات زينت، ڇوڪري جي پئ مجيد فقير ۽ ڇوڪري جي ڏير شيرو منڱڻھار ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان غريب مسڪين منڱڻھار فقير آهيون اسان جي ڪنھن سان ڪا به دشمني نه آھي. اسان جي ڇوڪري شادي شده آھي جيڪا 7 محرم  تي سڪرنڊ مائٽن ڏانهن گهمڻ وئي هئي جيڪا اتان غائب ٿي وئي آهي اهڙو اطلاع اسان سڪرنڊ پوليس ٿاڻي تي به اينسي ڪٽرائي آھي اسان پنهنجي راڄ ڀاڳ مان چارئي طرفان پڻ ڳولا ڪئي آھي اسان کي ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه پيو ملي ۽ ناري جي ماء ۽ پئ مجيد منڱڻھار روئيندي وڌيڪ ميڊيا جي نمائيندن کي ٻڌايو ته  اسان جي سنڌ جي ڪورٽن کي اپيل آھي ته جيڪڏھن اسان جي نياڻي کي ڪير  به ورغلائي ڪورٽ سڳوري تي چاڙھي نڪاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. يا ڪنهن جي چوڻ ۾ اچي اسان جي مٿان ڪو الزام هڻي ته انهي کي ڪوڙو قرار ڏنو وڃي ۽ اسان وس وارن ۽ بااعلي اختيارن کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي گم ٿيل نياڻي جي ڳولا ڪرائي اسان کي واپس ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جو دائرو وڌائينداسون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.