ظفر چانڊيو کي آزاد ڪيو، فريد آباد ۾ هٿ ۽ اکيون ٻڌي احتجاج

فريدآباد ( ن ع آ )  فريدآباد واسي ظفر چانڊيو جي آزادي لاء وارثن جو ذاڪر چانڊيو، شير چانڊيو، ماجد چانڊيو ۽  سنڌ سڀا شاگرد فورم جي اڳواڻن راجا مزمل خاصخيلي ، سھيل چانڊيو ۽ ٻين   زنجيرن سان ھٿ جڪڙي ۽ اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي 261 ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي ۽ ظفر چانڊيو جي آزادي لاء سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته ظفر چانڊيو کي کنڀجندي 16 مهينن کان مٿي عرصو گذري جڪو آهي ھينئر تائين ظفر چانڊيو جو ڪو بـ ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو تـ ھو ڪٿي ۽ ڪھڙي حال ۾ آھي ھنن چيو تـ ظفر چانڊيو جي ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم سان ڪوبه واسطو نه آهي اسين وارث ظفر چانڊيو جي آزاديءَ لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر اسانجي احتجاج جو ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ، انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته بيگناھ کنڀي گم ڪيل ظفر چانڊيو کي آزاد ڪري اسان وارثن مان بيچيني ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ظفر چانڊيو جي آزاديءَ تائين پر امن جدوجهد جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.