مٽياري پوليس پاران مبينا مقابلو،هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ

مٽياري (ڊ ر ) مٽياري ڀرسان پوليس مبينا مقابلي ۾ ھڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي  ويو، مٽياري ڀرسان چيڪ پوسٽ ملوڪ جاگيراڻي وٽ قومي شاهراه تي بھاولپور واسي، بيدار بخت، محمد ذيشان، عامر شھزاد ۽ عبدلوھاب جيڪي ڪراچي کان پنهنجي ڪار ۾  بھاول پور وڃي رھيا ھئا ته انهن سان واقعو پيش آيو  اطلاع تي ايس ايڇ او مٽياري اعجاز سومرو جي اڳواڻيءَ مٽياري پوليس پهتي جتي  فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڦورو حنيف ڳھيلو کي مبينا مقابلي ۾ زخمي ڪري ھڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ ٻن موٽر سائيڪلن سميت گرفتار ڪري ورتو جنهن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو, جتان ان جي حالت نازڪ ھئڻ سبب کيس ڪراچي نيو پئي ويو ته ھو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو جڏهن ته پوليس موجب 4 ڦورو ڏنو ڳهيلو، مير حسن ڳھيلو، رفيق ڳھيلو ۽ سراج ڳھيلو فرار ٿي ويا، ڊي ايس پي مٽياري، ڊي ايس پي سي آئي اي مٽياري علي شير خاصخيلي ۽ ايس او ايڇ مٽياري اعجاز سومرو مٽياري ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جلد فرار ٿي ويل جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو ايس ايڇ او مٽياري جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار ۽ فرار ٿيل جوابدارن مٿان پھرين به مختلف ڪيسن ۾ به ملوث آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.