خانپور مهر واسي نوجوان ڪراچي ۾ گم ٿي ويو، وارث پريشان

خانپور مهر ( ن ع آ ) ڪراچي گزري ٿاڻي جي  حد مان نوجوان شاھنواز ولد وزير مھر ويٺل ڳوٺ مينھون مھر ضلعي گهوٽڪي خانپور مهر جو رهواسي  بنگلو نمبر 13 اسٽينڊ 6  پوئين پنجن ڏينهن کان گم ٿي ويو آهي جنهن جو ھن مھل تائين ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي ۽ سندس نمبر به بند ملي ٿو گيزري ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرڻ باوجود گيزري ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او آغا معشوق پٺاڻ ۽ سندس پوليس عملي ڪک ڀڄي ٻيڻو نه ڪيو آهي، رابطو ڪرڻ تي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان ھن ايڊريس بنگلو نمبر 13 اسٽينڊ 6 گيزري ڪراچي واري علائقي ۾ ڪم ڪندو ھو جيڪو پوئين پنجن ڏينهن کان گم ٿي ويو آهي وارثن مطابق اسان کي شق ٿو لڳي ته اسان جو نوجوان جنهن وٽ ڪم ڪندو ھو سندس انھي مالڪ ئي گم ڪري ڇڏيو آهي وارثن وزير اعليٰ سنڌ، آئي جي سنده ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي فوري طور بازياب ڪرائي وارثن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.