گهوٽڪي مان اغوا ٿيل پورهيت آزاد نه ٿيو، سياسي سماجي ڌريون سراپا احتجاج

گهوٽڪي ( رپورٽ: آزاد مهر  ) ڪجھه ڏينهن پهرين گهوٽڪي ۾ کير وڪرو ڪندڙ پورهيت الف واسو بازياب نه ٿيو ، گهوٽڪي جي سياسي , سماجي ڌرين جي اڳواڻن ۽ اغوا ٿيل پورهيت جي وارثن جو پريس ڪلب گهوٽڪي  اڳيان احتجاجي مظاهرو ، شهري اتحاد گهوٽڪي، کير يونين ۽ ڳوٺاڻن شهري اتحاد جي چيئرمين رئيس الهوسايو گهوٽو ، لالا قيصر زمان پٺاڻ، مولوي غلام رسول ڪلهوڙو ، مولوي بچل کهاوڙ ، نور بروهي،  ملوڪ ڀٽو، اقبال احمد چنه، مبين احمد ڪولاچي، کير يونين جي اڳواڻ مجاهد سخي جان چاچڙ ، ڳوٺاڻن امير بخش واسو ، صابر واسو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته هڪ دفو ٻيهر گهوٽڪي ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، چوريون، ڦرون ۽ اغوائون عروج تي آهن، جنهن ڪري گهوٽڪي جو عوام خوف ۾ ورتل آهي، پر گهوٽڪي پوليس اگهوڙ ننڊ ستل آهي، هنن چيو ته ڪجھه ڏينهن پهرين گهوٽڪي کان کير وڪرو ڪري پنهنجي ڳوٺ واپس ويندي پورهيت الف واسو اغوا ٿي ويو آهي، پر پوليس اڄان تائين الف واسو کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي، پوليس صرف ٺلا آسرا پئي ڏي، ان موقعي تي سياسي، سماجي ڌرين آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور الف واسو کي بازياب ڪرائي، گهوٽڪي جو امن بحال ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.