ماٿيلي ۾ پيرسن جو بااثر تي ڌيءُ کڻي وڃڻ جو الزام، احتجاج

ميرپور ماٿيلو ( رپورٽ: نصر الله گڏاڻي ) ماٿيلي لڳ ڪچو ٻنڊ ون پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي سيدو چاچڙ جي رھواسي پيرسن عبدالغني معصوم پٽن مشرف ۽ ذوالقرنين کي ساڻ ڪري پريس ڪلب پھچي  احتجاج ڪندي دانھيو ته سندس سالي محبوب جي پٽ اسامه عرف شوڪت چاچڙ  ڌيءَ  زبيرھه کي گھران ڀڄائي پيار جو پرڻو ڪيو،  فرياد ڪرڻ بعد ڄاڻايل سالي ۽ سندس پٽ مڇرجي  غيرموجودگي ۾ حملو ڪري گھر مان چوپايو مال، سونا زيور، اناج ۽ سمورو گھريلو سامان کڻي فرار ٿي ويا آهن، ٻيھر اھڙي فرياد ڪرڻ تي پوليس ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ  رشوت عيوض جوابدارن جي ڌر بڻجي کيس گرفتار ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا، هن روئيندي  دانھيو ته ڳوٺ جي رئيس ظھور چاچڙ جيڪو رئيس ابراھيم چاچڙ جو پٽ آھي جنھن سندس نياڻي ۾ اکيون وڌيون ۽ زبردستي رات جو کيس پنھنجي گھر ترسائي مون کي ڀڄائي ڇڏيو، ھن وسوارن کان ڳوٺ ۾ اچي جاچ ڪري سندس خلاف ڪارروائي ڪري سندس گھر مان ڦر ٿيل سامان، سونا زيور ۽ چوپايو مال واپس ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.