ڊکڻ ويجهو نوجوان پراسرار طور فوت، مارڻ جو الزام

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ لڳ نبي شاھ وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ  شادي خان جکراڻي ۾ نوجوان فياض احمد پٽ نياز جمالي پُر اسرار نموني فوت،جڏهن ته فوتي نوجوان فياض احمد جمالي جي وارثن پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن تي نوجوان کي تشدد بعد گهُٽا ڏئي مارڻ جو الزام هنيو آهي،جنهن بعد نبي شاھ پوليس فوتي نوجوان جو تعلقي اسپتال ڳڙهي ياسين مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي،  ان سلسلي ۾ پُراسرار نموني فوت ٿي ويل نوجوان فياض احمد جمالي جي وارثن الزام هڻندي چيو ته اسانجي نوجوان فياض احمد کي اسانجي پنهنجي ئي برادري جي خادم حسين،صدام حسين جمالي وارن سڱاوتي معاملي تان تشدد بعد گهٽا ڏئي ماريو آهي،اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، قتل ڪيس داخل ڪري ملوثن کي گرفتار ڪيو وڃي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر جي صديق جمالي جو چوڻ آهي ته اسان تي نوجوان فياض جمالي تي تشدد بعد گهٽا ڏئي مارڻ جو الزام بي بنياد آهي،نوجوان پنهنجي موت فوت ٿي ويو آهي،فوتي نوجوان جا وارث  ڪيس داخل ڪري ڦاسائڻ ڇاهين ٿا،ان سلسلي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نبي شاھ ٻڌايو ته فوتي نوجوان فياض احمد جمالي تي ظاهري طور تشدد جو ڪو به تشدد نشان ناهي، وارثن موجب سڱاوتي معاملي تان کيس پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن تشدد بعد گهٽا ڏئي ماريو آهي، لاش جو ڳڙهي ياسين مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو آهي،وڌيڪ جاچ ڪيون پيا،ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.