عورت ۽ تهذيب

تحرير: طفيل مگسي

جيتوڻيڪ لکيل تاريخ ته مردن جي تاريخ آھي.مگر جيئن جيئن پراڻين تهذيبن جا آثار دريافت ٿي رهيا آھن، تن مان خبر پئي ٿي ته معاشري ۾ مرد جي موجوده حيثيت سدائين کان نه هئي بلڪ سندس جي اها برتري ۽ تسلط هوريان هوريان تاريخي عمل سان گڏ قائم ٿيو. پراڻي تاريخ جي انهن آثارن ۽ شاھدين سان نه صرف مٿي بيان ڪيل ڳالهه چٽي ٿي وئي، بلڪ هي به چٽو ٿي ويو ته شروعات ۾ ماءُ وارو نظام رائج هو ۽ ان زماني ۾ عورت معاشري جي سڀ کان وڌيڪ چرپر ڪرڻ واري  ۽ عملي ذات هئي ته جنهن تهذيب وتمدن کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجي ڏاھپ ۽ صلاحيتن کي استعمال ڪيو.

گورڊن چائلڊ پنهنجي ڪتاب”تاريخ ۾ ڇا ٿيو؟“ ۾ پراڻن آثارن جي شاھدين جي بنياد تي انهن سمورن ڪمن جو تفصيل پيش ڪيو آھي ته جنهن جي شروعات عورتن ڪئي هئي.مثلا جديد پٿر جي زماني ۾ عورتون زمين ڪاهينديون  هيون.اناج پيهينديون هيون  ۽ ماني پچائينديون هيون.انهن کي ڌاڳي ٺاھڻ جي فن کان واقفيت هئي ته جنهن کان اهي ڪپڙو تيار ڪنديون ۽ لباس سبنديون هيون.جڏھن معاشري ۾ کاڌي ۽ لباس جي شروعات ٿي ۽ ان سان گڏ ئي ٻيا سامان به وجود ۾ اچڻ لڳا ته جن ۾ ٿانو ٺاھڻ ۽ سونهن سينگار جي لاءِ زيورن جو استعمال وغيره وغيره.جنهن وقت عورت انهن ڪمن ۾ مصروف رهندي هئي ته  ان وقت مرد وري زراعت جي لاءِ زمين کي ٻروٽن ۽ گندوگاهه کان صاف ڪندو هو.گهر ٺاھيندو هو.ڍورن ڍڳن جي سارسنڀال ڪندو هو.ڪاٺيون وڍيندو هو ۽ واڍڪي وارو ڪم ڪندو هو.نيزي جي ايجاد کانپوءِ شڪار ماڻھو جو پيشو بڻجي ويو.عورت خوراڪ گڏ ڪرڻ ۾ مصروف رهي جڏھن ته مرد وري شڪار ۾ مصروف رهيو.

آثار قديما جي ڏاٽن ۽ انهن سان گڏ ئي ملڻ وارن ٿانون ۽ اوزارن جي وسيلي ماهرن ان عمل کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ڪهڙي ريت انساني ذھن وقت سان گڏ بدلجي رهيو هو.۽ ترقي ڪرري رهيو هو.۽ ڪهڙي ريت هو زنده رهڻ جي لاءِ فطرت جي چئلينجن جو مقابلو ڪري رهيو هو.سڀ کان اڳ انسان پاڻ پنهنجي بدن ۽ پنهنجي بدن جي مختلف عضوون کي پنهنجي حفاظت جي لاءِ استعمال ڪيو ۽ جڏھن هن کي پنهنجن عضوون جو احساس ٿيو ته هن ان کي نقل ڪندي محنت جا اوزار ٺاھيا.مثلا هٿوڙو مٺيئي جي شڪل.نيزي بازن جيان. آڱرين ۾ ڪنگي جيان ۽ عورت جي ڇاتي  جيان هئا.ان شروعاتي تهذيبي دور ۾ عورت مال جي حيثيت ۾ حفاظت ڪرڻ.ذخيرو ڪرڻ ۽ شين کي محفوظ ڪرڻ جو ڪم ڪيو.ان لاءِ عورت ٽوڪري.پيتي.ديڳڙي ۽ زنجير ايجاد ڪيا.هن گهر جي سارسنڀال سان گڏوگڏ باهه کي محفوظ رکيو ۽ باغات پڻ پوکيائين.وغيره وغيره.

۽ اھو عورت جو ئي ڪارنامو آھي ته هن سڀ کان اڳ جنهن جانور کي سڌو ڪيو سو مرد هو.ڇو ته جڏھن مرد کي ڇت ملي ته ان جي هڪ بيٺڪ ٿي.جڏھن هو شڪار جي مهم کان بکيو، اڃيو، ٿڪو ٽٽو ايندو هو ته هن کي ڇت جي هيٺان آرام وسڪون ۽ کاڌو ملندو هو.جيڪو سڀ عورت جي ڪري ممڪن ٿيو.ڪيوليٿڪ دور جا جيڪي مٽي جا ٿانو مليا آھن.اهي عورت جي شڪل جا آھن.يا ته سندس چهرو آھي يا مڪمل بدن.اها هن ڳالهه جي نشاني آھي ته عورت جي سماج ۾ ايتري ئي اهميت هئي.جيتري ته ٿانو جي.ڇو ته ٿانو روزمره واري زندگي ۾ شين جي حفاظت جو ڪم ڪري ٿو.

ٻي پاسي انهن ٿانون جي ايجاد کانپوءِ عورت جي محنت ۾ کوٽ اچي وئي ڇو ته اها هاڻي انهن ٿانون ۾ شيون محفوظ ڪري رکڻ لڳي.۽ ان کانپوءِ ئي اٽو پنهنيائين ۽ کاڌو پچائڻ ممڪن ٿيو.هينئر تائين ڪيترن ئي معاشرن ۾ ٿانو عورت سان منسوب آھن.

ڪيترن ئي ديومالائي قصن ۾ ٿانو ۽ باهه جي دريافت عورت سان لاڳاپيل آھي.ان کانسواءِ به ٻيون ڪافي شيون آھن ته جن جي باري ۾ يقين سان نٿو چئي سگهجي ته اهي مڪمل طور تي عورتن جون ايجادون آھن.مثلا عورتن جي قبرن کان جيڪي شيون مليون آھن انهن منجهان فصل وڍڻ جو ڏاثو.اٽي پينهڻ جو پٿر.چمچا وغيره شامل آھن.يونان کان وٺي ڪري چين تائين ديو مالائي قصن ۾ عورت کي زراعت ۽ ڪپڙو اڻڻ جو باني قرار ڏنو ويو آھي.گهرن جي تعمير ڳوٺن کي آباد ڪرڻ ۾ به عورتن جي سرگرمين جو وڏو هٿ آھيجيئن ته زراعت عورت جي ايجاد هئي.ان ڪري زرعي معاشري ۾ عورت زرخيزي جي نشاني بڻجي وئي.جهڙي ريت زمين انسان کي پيداوارجي وسيلي خوراڪ ميسر ڪري ٿي بلڪل انهيءَ ريت عورت  ٻار کي جنم ڏئي انساني آبادي ۾ واڌارو ڪري ٿي ته جيڪو ان وقت نهايت ضروري هو.ان ڪري عورت هرهنڌ زرخيزي جي ديوي بڻجي ڪري اڀري.پراڻن زمانن ۾ جڏھن به ڏڪار يا خشڪ سالي ايندي هئي ۽ زمين ٺوٺ بڻجي ويندي هئي ته ان وقت عورتون ئي مختلف رسمون ادا ڪنديون هيون ته جن ۾ مردن جي شموليت نه ٿيندي هئي.عورت ۽ زندگي جو تعلق ان قدر ويجهو هو ته مرڻ واري کي دفن ڪرڻ جي لاءِ قبر ۾ ان ريت ليٽائيندا آھن ته ڄڻ اھو ماءُ جي رحم ۾ ھجي ۽ ان کي ٻيهر قبر کان ائين ئي پيدا ٿيڻو آھي.جيئن ته هو ماءُ جي پيٽ کان ڄائو هو.

شروعاتي زراعتي زماني ۾ عورت جي ان اهميت جي سبب کان ماءُ وارو معاشرو قائم رهيو ۽ عورتون قبيلن جون اڳواڻ ھيون.۽ انهن جي نانءُ سان نسل هلندا رهيا.هن جون وارث ھن جون ڇوڪريون هونديون هيون.ڇو ته پيءُ جي باري ۾ ڪو پتو ئي نه هوندو هو.ان ڪري ماءُ جي ذريعي سان ئي خانداني سلسلو هلندو هو.زمين ۽ گهر گڏيل ملڪيت هوندا هئا.معاشري ۾ ڀيڻ ڀاءُ جو رشتو مضبوط هوندو هو.ڇاڪاڻ ته مڙس ٻيئي قبيلي کان ايندو هو.ان ڪري هو ويڳاڻو هو.عورتون ڪيترائي مڙس رکنديون هيون ڇو ته ان وقت هڪ مڙس سان رهڻ جي روايت نه هئي.

ان ڪري ان دور ۾ جيڪي مذھبي عقيدا ۽ روايتون پيدا ٿيون انهن ۾ وڏو درجو ديوين جو هو.يونان جي وڏي ديوي ارٽيمز هئي.جيڪا بعد ۾ ڊيانا بڻجي وئي ۽ عيسائيت ۾ هن مريم جي شڪل اختيار ڪري ورتي.

هندستان ۾ ھولي جو ڏڻ ان دور جي ياد آھي ته جڏھن عورت قبيلي جي اڳواڻ ھوندي هئي.هاڻي وقت جي تبديلي جي سبب مردن ان جي رسمن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو.آھي.مگر اهو مرد جيڪو باهه جي چوڌاري هلي ٿو اهو عورتن جو لباس پائي ٿو.بنگلور ۾ موگا جي سالياني ڏڻ جي موقعي تي رسمن ۾ شريڪ اڳواڻ  کي عورتاڻو لباس پائڻو پوي ٿو.ان ريت ٻين ڪيترين ئي رسمن ۾ مرد عورتاڻو لباس پائي ڪري پراڻين روايتن کي زنده رکي ٿو.هندستان ۾ وڻن جا خاڪي پن ديوي ماتا سان منسوب ٿيندا هئاجيئن جيئن نيون ايجادون ٿينديون رهيون.انهن جي سبب کان معاشري جي ڍانچي ۾ به تبديلي ايندي رهي ۽ عورت ۽ مرد جا تعلقات بدلبا رهيا.مثال طور شروعاتي زماني ۾ عورت کرپي سان زمين کوٽيندي هئي ۽ ٻج ڇٽيندي هئي ۽ ان ريت زراعت تي ان جو قبضو هو .مگر جڏھن هر ايجاد ٿي ويو ۽ ان کي جانورن جي ذريعي هلايو ويو ته ان کانپوءِ فصلن کان عورتن جي اها اجاره داري ختم ٿي وئي.۽ ان سان گڏ ماءُ وارو نظام  ڪمزور ٿيو ۽ ان جو سماجي رتبو به گهٽجي ويو.

ڌاتن جي زماني ۾ انهن کي پگهرائڻ جو ڪم مرد ڪندا هئا انهن کان اوزار ۽ ھٿيار بنائڻ جو ڪم ۽ پوءِ انهن کي استعمال ڪرڻ به مرد جي حصي ۾ آيو.ان ڪري سندن اهميت وڌي وئي.۽ انهن جو سماجي مرتبو مٿاهون ٿيندو ويو.ڇو ته هٿيارن جي مالڪ ھئڻ جي ڪري انهن ۾ طاقت جو احساس پيدا ٿيو.۽ ان احساس سان گڏ هنن عورت کي دٻائي رکڻ شروع ڪيو.ان لاءِ جيڪڏھن ڌاتن جي زماني ۾ انساني تهذيب وتمدن ۾ ترقي ٿي مگر ان جي نيتجي ۾ جنگ وجدل جي شروعات ٿي.معاشرو طبقن ۾ ورهائجي ويو.۽ گڏ ئي عورتن جو استحصال ٿيڻ لڳو.معاشري ۾ اڳتي هلي ڪري نجي جائيداد جو ادارو مضبوط ٿيو ۽ ان سان گڏ ئي لکڻ پڙھڻ. حڪمراني جا دستور.۽ رياست جا ادارا وڌيا ويجهيا ۽ ان ريت مرد جو تسلط معاشري ۾ مڪمل.ريت قائم ٿي ويو ۽ ان کي جسماني طاقت جي سبب کان عورت تي فضيلت حاصل ٿي وئي. ڇو ته جاگيرداراڻي زماني ۾ جسماني طاقت جي وڌيڪ ضرورت هئي.جنگين.زراعت.کاڻين جي لاءِ سخت محنت ۽ مزدوري ڪرڻي هوندي هئي.ان ڪري عورت جي لاءِ اهو تاثر قائم ٿيو ته اها جسماني طور تي ڪمزور آھي. ۽ ان ريت اها اڌ مرد آھي.يهودي روايتن ۾ هن کي گناه جي نشاني قرار ڏنو ويو.ته يوناني سائنس وفلسفي ۾ هن جي لاءِ نفرت جو اظھار ڪيو ويو.۽ رومي قانون ۾ ھن کي سڀني حقن کان محروم ڪيو ويو.

ارڪ فروم عورت ۽ مرد جي اهميت ۽ ان جي ذھن جي جوڙجڪ کي ۽ ان جي فرق کي صحتمند معاشري ۾ نهايت سهڻي نموني سان چٽو ڪيو آھي.هو چئي ٿو ته عورت ٻار پيدا ڪري ٿي.  جي مادي کي رحم ۾ رکي ٿي پوءِ ان جي پرورش ڪري ٿي.ان ڪري اها فطرت جي ويجهو هوندي آھي.ان جي ڀيٽ ۾ مرد فطرت کان پري هوندو آھي ۽ ھو پنهنجن اصولن ۽ خيالن جي دنيا ٺاهي ٿو ته جيئن هو فطرت جي جڳھه وٺي سگهي.خاندان ۾ ٻار ماءُ سان محبت ڪري ٿو ۽ پيءُ جي فرمانبرداري ڪري ٿو ۽ ان سان بغاوت به ڪري ٿو.  معاشري جي درست نشاندهي يهوديت ڪري ٿي.جنهن ۾ انهن جو خدا انهن سڀني قومن کي هڪ جهڙو نٿو سمجهي بلڪ ان جي نظر ۾ صرف يهودي پسنديده آھن.ان ڪري پسنديده قوم کي اهو حق ملي وڃي ٿو ته اها ٻين قومن کي گهٽ ۽ نيچ سمجهي.انهن کي غلام بڻائي.۽ انهن کي قتل ڪري ڇڏي.ان ڪري پيءُ وارو معاشرو برابري جي جڳھه تي برتري ۽ آمريت کي اوليت ڏيئي ٿو.پراڻي عهد نامي ۾ انسان جو تعلق زمين کان به ٽوڙيو ويو ۽ انساني تاريخ جي شروعات جنت کان ڪڍڻ کان شروع ٿي يعني ڌرتي تي انسان جو اچڻ .يهودي پيغمبرن جي تعليمات ۾ زمين ۽ فطرت سان محبت ڪرڻ کان روڪيو ويو آھي.ماءُ ۽ پي واري نظام جن روايتن کي واڌ ڏني آهي هي هيون .ماءُ واري نظام ۾ انساني برابري.زندگي جو تقدس.انسان دوستي.روشن خيالي، جمهوريت واشتراڪيت هيون. ته انهن  ۾ فطرت جي سڀني شين ۾  سڀني جو هڪ جيترو حصو هو.جڏھن ته  معاشري ۾ آمريت.مطلق العنان .فاشزم ۽ انفراديت پرستي کي واڌ ملي.جنهن ۾ ان ذھنيت جون پاڙون مضبوط ٿيون ته جنهن فرد جو تعلق قبيلي يا برادري سان نه هجي ان کي شڪ ۽ نفرت سان ڏٺو وڃي.اهڙي قسم جي روش يا جذبن اڳتي هلي ڪري قومپرستي کي جنم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.