اوٻاوڙو جي ڳوٺ ۾ گندو پاڻي بيٺل، مڙهه کڻي وڃڻ به مشڪل ٿي ويو، احتجاج

اوٻاوڙو ( ن ع آ )  اوٻاوڙو لڳ قديمي ڳوٺ بگڙا ڪوري ۾ ڪيترن ئي  مھينن کان نالين جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو، گندو پاڻي گهرن مسجدن ۽ اسڪولن ۾ ڪاهي پيو سيوريج نظام درھم برھم ٿيل ھي ڳوٺ  500 کان وڌيڪ گهرن تي مشتمل آھي ڳوٺ جا سمورا روڊ رستا گھٽيون گندي پاڻي جي تلا جو ڏيک ڏيڻ لڳيون آھن ھوڏانھن فوت ٿيل ڳوٺاڻي محمد يعقوب ڪوري جو لاش وارثن وڏي مشڪل سان گندي پاڻي مان گذري سڪل رستي تي پھچي قبرستان ۾ دفنايو ۽  ڳوٺ جااسڪول ويندڙ ٻارڙا توڙي نمازي عذاب ۾ اچي ويا  ڊرينيج جو پاڻي ڳوٺ جي گهٽي گهٽي ۾ پاڻي بيٺل آھي اھڙي ظلم خلاف ڳوٺاڻا سراپا  احتجاج بڻيل احتجاج دوران ڳوڻا انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندا رھيا ان موقعي تي عزيزالله ڪوري، احسان فرمان ڪوري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪيترن  مھينن کان اسان جي ڳوٺ ۾ نالين جو گندو پاڻي ڪيترن مھينن نيڪال نه ٿيو آھي اسين اھڙيون درخواستون  ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪامورن کي ڏنيون انھن جي آفيسن ۾ وڃي انھن اڳيان دانهون ڪيون مگر انھن آفيسرن اسان جي ھڪ به نه ٻڌي آھي،وڏو وزير ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.