سهراب سرڪي تي ڀتي خوري جو الزام، احتجاج، بار ڪائونسل پاران ٺهراءُ پاس

ٺل(رپورٽر) ٺل جي ڳڙهي حسن روڊ تي واقع بگٽي رائيس مل جي ٺيڪيدار کي پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي،سندس ڀائرن امداد خان سرڪي ۽ آصف علي سرڪي مٿان ڀتا خوري جو الزام کي  نوناري برادري پاران رد ڪندي پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، مظاهرين عبدالرحمان بگٽي جي خلاف نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين معظم نوناري،سرفراز نوناري،ڪريم بخش نوناري، ڪاشف نوناري،فراز نوناري،جسقم اڳواڻ لياقت سرڪي،واحد سرڪي ۽ ٻين چيو ته اسان جو وڪيل گلاب بگٽي جي ڀاءُ رحمان بگٽي سان ٽريول ايجنسي جي انچارج سائين بخش نوناري سان ڏيتي ليتي جو مامرو هلندڙ آهي جنهن جا پئسا رحمان بگٽي ڏانهن رهيل آهن پر پوءِ به بگٽي برادري جي وڪيل گلاب بگٽي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي خلاف هروڀرو احتجاج ڪيو ۽ هن جو ان مامري سان ڪوبه تعلق ناهي،هنن چيو ته ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي ميڊيا ٽرائيل ڪندڙ پروپگينڊا ڪري ڀتي وٺڻ جو ڪوڙو الزام مڙهي رهيا آهن جنهن ڪري انهن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي،رابطي ڪرڻ تي سائين بخش نوناري ٻڌايو ته مان رحمان بگٽي سان مل ۾ حصيدار آهيان جيڪو حصو گهرڻ تان هن مان کي جواب ڏنو سو اها دانهن کڻي اسان برادري جا ڪجه ماڻهو پنهنجي علائقي جي معتبر ڊاڪٽر سهراب سرڪي ڏي ويا سي جنهن رحمان بگٽي کي چيو ته سائين بخش نوناري سان ڪنهن امير وٽ فيصلو ڪيو جنهن تي انهن قبضي خورن رحمان بگٽي ۽ ڀائرن گلاب ۽ نادر ڪوڙو ڊرامو رچايو آهي، ٻئي طرف پ پ ايم پي اي ٺل ڊاڪٽر سھراب خان سرڪي پاران سينيئر وڪيل گلاب خان بگٽي کان رائيس مل هلائڻ جي بدلي ڀتو گھرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيئي ھراسمينٽ ڪرڻ تي تعلقه بار ايسوسيئيشن ٺل طرفان قرارداد پاس ۽ منظور ڪري ڪاپيون رجسٽرار سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي، سيشن ڪورٽ جيڪب آباد، آءِ جي سنڌ ڪراچي،ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ايس پي جيڪب آباد ۽ سيڪريٽري سنڌ بار ڪائونسل ڪراچي ڏانهن موڪليون ويون، هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي ٻڌايو ته سائين بخش نوناري ۽ رحمان بگٽي ۾ ڏيتي ليتي جو مامرو آهي ٻئي حصيدار آهن مون ڏانهن نوناري برادري دانهن کڻي آئي جنهن تي مان بگٽي برادري کي چيو مان ڪهڙو غلط ڪيو آهي جو اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.