گورنر سجاول ۾ عورت سان مبينه ڏاڍائي جو نوٽيس ورتو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سجاول ۾ عورت سان مبينه ڏاڍائي جي حوالي سان ميڊيا رپورٽ تي سخت نوٽيس ورتو  آهي. گورنر سنڌ آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايت جاري ڪندي چيو ته عورت سان مبينه ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته ان قسم جا افسوسناڪ واقعا معاشري لاءِ شرم جو سبب آهن. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي واقعن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.