ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، 5 ڄڻا فوت، بجلي بند

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، ڪراچي جي قصبه ايم پي آر ڪالوني ۾ برسات جو پاڻي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي نتيجي ۾ گهر جي ڀت  ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ 3 ٻار دٻجي فوت ٿي ويا. ايس ايس پي ويسٽ سهائي عزيز جو چوڻ آهي ته واقعو برساتي پاڻي جمع ٿيڻ جي ڪري حادثي طور تي قصبه ڪالوني جي آبادي ايم پي آر ڪالوني جي گهٽي نمبر 15 ۾ پيش آيو،فوتين ۾ مسمات خاوا زال رسول سعيد، 10ورهين جو نصيب، 4ورهين  جو بشير ۽ 7ورهين جي مينا شامل آھن.گجرات کان آيل برساتي سسٽم سنڌ پهچي ويو، ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان مينهن جو وسڪارو، مينهن سڀاڻي تائين جاري رهڻ جو امڪان، پي ڊي ايم ٻيهر الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي ملير، گلشن حديد، شاهراه فيصل، صدر، ڪلفٽن ڊفينس، ڪورنگي، لانڍي، سهراب ڳوٺ، اورنگي ٽائون، لياري سميت مختلف علائقن ۾ تيز برسات پئي، مينهن وسڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ گرمي جو زور ٽُٽي پيو،  جڏهن ته لياقت آباد، اورنگي ٽائون، 33 نمبر اسڪيم ۽ گلزار هجري ۾ پاڻي بيهجي ويو، موسميات کاتي موجب برسات جو وسڪارو سڀاڻي ڇنڇر تائين جاري رهندو، ٻئي پاسي گذريل رات پيل برسات جا موسميات کاتي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، موسميات کاتي موجب سڀ کان وڌيڪ برسات سرجاني ٽائون ۾ 58ملي ميٽر رڪارڊڪئي وئي آھي.موسميات کاتي جو چوڻ آھي ته اورنگي ٽائون ۾ 37، ناظم آباد ۾ 32. مسرور بيس17 ۽ ڪياماڙي ۾ 15ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، برسات مارئي جي مُلڪ کي مهڪائي ڇڏيو آهي،ڪالھ ٻي ڏينهن به ٿر جي مختلف شهرن مٺي،اسلام ڪوٽ،ننگرپارڪر،ڏيپلو،ڇاڇرو،ڪلوئي،چيلهار سميت ڳوٺن تي زوردار برسات جو وسڪارو ٿيو،تيز برسات سبب هرپاسي پلرپلٽي پيو آهي،برسات مارو ماڻهن ۽ مالوندن جي چهرن تي مُرڪون وکيري ڇڏيون آهن،هارين جا چهرا ٻهڪي پيا آهن، ڊگهڙي شھر،ڪنگورو شاخ،صوفي آباد،انب موري،ڪانگڻي موري ۽ آس پاس جي ننڍن وڏن ڳوٺن تي برسات جو وسڪارو برسات پوڻ بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ٻڍوقمبراڻي ڀرسان ڳوٺ شيخو خان ڪلوئي ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 22ورهين جي نوجوان ناري هاني ڌئ پيربخش ڪلوئي فوت ٿي وئي ، سجاول ضلعي جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي کانپوءِ برسات جو تيز وسڪارو ٿيڻ ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي جڏهن ته هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ پوندڙ برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿيڻ ڪري بجلي غائب ٿي وئي ڪنڌڪوٽ شھر ۾ چند منٽن جي برسات ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا،حيدرآباد سميت ريجن جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ بند ٿيل بجلي 24 ڪلاڪن باوجود بحال نه ٿي سگهي، حيدرآباد شهر، لطيف آباد، قاسم آباد ۽ حيدرآباد ٻهراڙي جي مختلف علائقن جي بجلي 24 ڪلاڪن باوجود بحال نه ٿي سگهي هئي، ٽنڊوالهيار جي آسپاس وارن علائقن جهنڊومري ، چمبڙ ، پيارولنڊ ، ڊاسوڙي ، عثمان شاه هڙي ، سنجر چانگ ، بڪيراشريف ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ طوفاني برسات جو وسڪارو ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.