وزيراعظم عافيه صديقي جي آزادي جو واعدو وساري ڇڏيو: سراج الحق

ڪراچي(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته وزير اعظم  پنهنجي ٻين واعدن وانگر آمريڪا جي جيل ۾ قيد قوم جي ڌيءُ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي رهائي ۽ وطن واپسي جو واعدو به وساري ڇڏيو آهي،اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن ڪراچي ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي سان گڏ سندس رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان کان پهرين هن ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ماءُ جي عيادت  ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي اسد الله ڀٽو ، سنڌ جو امير محمد حسين محنتي ، حافظ نعيم الرحمان ، مسلم پرويز ، منيم ظفر خان ، زاهد عسڪري موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.