جڊيشل ڪائونسل جو فيصلو چيف جسٽس جي هار آهي:حسنات ملڪ

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ اعليٰ عدالت ۾ پهريون ڀيرو عورت جج مقرر ٿيڻ واري باب جو اضافو نه ٿي سگهيو، جڊيشل ڪائونسل اجلاس ۾ جسٽس عائشه ملڪ کي سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ واري  تجويز رد ٿي وئي، ان سلسلي ۾ سينيئر صحافي حسنات ملڪ جو چوڻ آهي ته جسٽس عائشه ملڪ جو نالو اهليت يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري رد نه ٿيو پر اصل ۾ چيف جسٽس گلزار احمد سولو فلائيٽ ڪئي ۽ معاملي کي سياسي ۽ انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيو، جسٽس عائشه ملڪ کي مقرر ڪرائڻ لاءِ ڪا تياري يا لابنگ ئي نه ڪئي ۽ انا جي جنگ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد هارائي ويو، سينيئر صحافي قيوم صديقي جو چوڻ هو ته دراصل هن معاملي ۾ وڪيلن جي ڪاميابي ٿي آهي، سينيئر صحافي مطيع الله جان جو چوڻ آهي ته اڄ پاڪستان جي نئين تاريخ نه جڙي سگهي پر اميد آهي ته نيٺ هڪ ڏينهن پاڪستان جي اعليٰ عدالت ۾ عورت جج مقرر ٿيڻ ۽ آمريڪا ۾ عورت صدر ٿيڻ جي تاريخ ضرور لکي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.