چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي نظرانداز ڪرڻ خلاف ڪراچي ۾ وڪيلن جي ريلي

ڪراچي(رپورٽ: عارف نائچ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس احمد علي شيخ کي سينارٽي باوجود سپريم ڪورٽ ۾  مقرر نه ڪرڻ ۽ ايڊهاڪ مقرري واري عمل خلاف سنڌو انڊس لائيرس فورم پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ کان سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سنڌو انڊس لائيرس فورم جي اڳواڻن عاقب راڄپر، حسيب پنهور، عرفان ڪيريو، عبداللطيف ميربحر، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر  ميان تاج محمد ڪيريو ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ وڪيلن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي سنڌو انڊس لائيرز فورم جي اڳواڻ عاقب راڄپر عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ٽيون ڀيرو سينارٽي باوجود سپريم ڪورٽ ۾ ايليويٽ ناهي ڪيو ويو ۽ جونيئر ججن کي کنيو ويو آهي، اسان چئون ٿا ته قانون موجب سينيارٽي جي بنياد تي سينئر جج کي سپريم ڪورٽ ۾ کنيو وڃي ۽ سنڌي هجڻ ڪري احمد علي شيخ کي نظرانداز نه ڪيو وڃي، احمد علي شيخ کي ڪنفرم بنياد تي سپريم ڪورٽ کڻي وڃو يا ته ان کي رٽائرمينٽ تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس رهڻ ڏيو، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر  ميان تاج محمد ڪيريو چيو ته اسان جي عدالتي تاريخ کي سٺي نظر سان نه ٿو ڏٺو وڃي، ڀٽي جي ڦاهي عدالتي نظام جي تاريخ تي ڪارو داغ آهي، عدالتي نظام جو الميو آهي ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ انصاف جي اميد رکيون ويٺو آهي،   حسيب پنهور، عرفان ڪيريو، عبدالطيف ميربحر چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سنڌي ججن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ملڪ جي آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهي سينئر جج کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو وڃي، چيف جسٽس کي ايڊهاڪ تي کڻڻ وارو عمل غير قانوني ۽ غير آئيني آهي،لاڙڪاڻي جي هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ عدالتي ڪاروائين جي بائيڪاٽ سبب ڪيترن ئي ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.