افغانستان ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي

ڪابل(م ڊ) طالبان جي ثقافتي ڪميشن جي نائب سربراهه احمدالله واثق موجب عورتن کي ڪرڪيٽ سميت ڪنهن به اهڙي راند جي اجازت نه ڏينداسين، جنهن ۾ انهن جو جسم ۽ چهرو ڍڪيل نه هجي،پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي طالبان اڳواڻ چيو ته عورتن جو راندين ۾ حصو وٺڻ نه  مناسب آهي ۽ نه ضروري آهي، مخالفن جي ردعمل سبب اسلامي قدرن کي پامال نه ڪنداسين،احمدالله واثق جو چوڻ هو ته اسان جو ناهي خيال عورتن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ڪرڪيٽ ۾ عورتون اهڙي صورتحال کي منهن ڏينديون آهن، جتي انهن جو جسم ۽ چهرو ڍڪيل ناهي هوندو ۽ اهو اسلامي تعليم خلاف آهي،هن چيو ته هي ميڊيا جو دور آهي ۽ سمورا ماڻهو تصويرون ۽ ويڊيوز ڏسندا آهن، امارت اسلامي افغانستان عورتن کي اهڙي ڪنهن راند جي اجازت نه ڏيندو، جنهن ۾ انهن جو جسم نظر اچي، هوڏانهن ڪرڪيٽ آسٽريليا چيو آهي ته طالبان حڪومت عورتن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان پري رکيو ته ان سان طئه ٿيل واحد ٽيسٽ ميچ نه کيڏي ويندي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.