عورت جج جي مقرري روڪڻ وڪيل گردي آهي: جسٽس(ر) ناصره جاويد

اسلام آباد(م ڊ) سينئر قانوندان حامد خان چيو آهي ته ثاقب نثار سينيئر ججن کي نظرانداز ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو جڏهن هن منيب  اختر کي سپريم ڪورٽ ۾ رکيو، سينيارٽي معاملي تي 6 مهينن تائين چيف جسٽس گلزار احمد پٽيشن تي ٻڌڻي ناهي ڪئي، محمد علي مظهر کي هن سپريم ڪورٽ ۾ رکي تڪرار شروع ڪيو، اهو معاملو شدت اختيار ڪري ويو آهي، اسان عورت جج جي مقرري جي خلاف ناهيون، اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي واري تي اچو، عائشه ملڪ جو اشو ناهي، جسٽس احمد علي شيخ کي نظرانداز ڪرڻ تي وڪيلن احتجاج ڪيو آهي، هن چيو ته من پسند فيصلن لاءِ جج آندا پيا وڃن، اسٽيبلشمينٽ مرضي جا جج آڻڻ چاهي ٿي، اڳوڻي جج جسٽس(ر) ناصره جاويد چيو ته جسٽس عائشه ملڪ جي مقرري ٿيڻي هئي، ملڪ ۾ عدليه ۾ سينيارٽي کي ڏسڻ بنا به مقرريون ٿي چڪيون آهن،سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنجين نمبر تي رهندڙ جج کي سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت جج جي مقرري لاءِ تجويز آئي، تاثر ملي ٿو ته ڪهڙو سبب هو جو وڪيلن احتجاج ڪيو، اهو وڪيل گردي جو نئون طريقو هو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.