جسٽس عائشه ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري تي اتفاق راءِ نه ٿي سگهيو

اسلام آباد (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عائشا ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جو معاملو 4-4 سان ٽاءِ ٿي ويو.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس عائشا ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي معاملي تي غور ٿيو ۽ اهو معاملو 4-4 سان ٽاءِ ٿي ويو.ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻاهرين ملڪ هجڻ سبب اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو ۽ ان جي طرفان جسٽس عائشا ملڪ جي حوالي سان ڪا راءِ به سامهون نه آئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ جج جي مقرري لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج جي نالي جي سفارش ڏيندو آهي، جنهن جي جڊيشل ڪميشن منظوري ڏيندي آهي، جڏهن ته جسٽس عائشا ملڪ جي نالي جي سفارش به چيف جسٽس طرفان ڪئي وئي هئي پر ٽيڪنيڪي طور تي جسٽس عائشا جو نالو سپريم ڪورٽ ۾ جج طور مقرري لاءِ رد ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ چيف جسٽس گلزار احمد، جسٽس عمر عطا بنديال، اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ قانون واري وزير جسٽس عائشا ملڪ جي نالي جي حمايت ڪئي، جڏهن ته جسٽس مقبول باقر، جسٽس سردار طارق مسعود، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) دوست محمد مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.ذريعن موجب قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آئين تحت اڪثريت جڏهن ڪنهن نالي جي منظوري نه ڏئي ته اهو نالو اڳتي نٿو وڃي سگهي، تنهن ڪري ٽيڪنيڪي طور جسٽس عائشا ملڪ جو نالو رد ٿيو آهي، جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ ان جي نالي جي منظوري ٿئي ها ته هوءَ سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ٿيندڙ پهرين عورت جج هجي ها.ذريعن جو چوڻ آهي اٽارني جنرل اجلاس ۾ تجويز ڏني ته باقي هاءِ ڪورٽس جي عورت ججز جي به ججمينٽ ۽ رڪارڊ گهرايو وڃي ۽ ان معاملي کي ايندڙ ميٽنگ لاءِ ريفر ڪيو وڃي پر ان معاملي تي به اتفاق نه ٿيو.

سينيارٽي نظرانداز ڪرڻ خلاف وڪيلن جو ملڪ گير احتجاج،ڌرڻا

اسلام آباد/ڪراچي/لاهور (م ڊ+رپورٽر+نمائندا) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف  جسٽس احمد علي شيخ کي نظرانداز ڪرڻ خلاف وڪيل تنظيمن جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي عمارت ٻاهران وڪيلن جي نمائندا تنظيمن اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرري ۾ سينارٽي کي نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو، سپريم ڪورٽ ٻاهران ٿيندڙ احتجاج ۾ سڄي ملڪ مان وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.هوڏانهن ڏينهن جي شروعات عدالتن جي بائيڪاٽ سان ٿي ۽ وڪيل سپريم ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ پيش نه ٿيا، جنهن سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون به نه ٿي سگهيون.احتجاج جو فيصلو ڪراچي ۾ وڪيل ڪنوينشن دوران ڪيو ويو هو، جنهن جي منظوري پوءِ وڪيل تنظيمن جي هڪ گڏيل اجلاس ۾ ڏني وئي هئي.بار ڪائونسلز جو موقف آهي ته ججن جي مقرري ۾ سينارٽي اصولن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سينيئر هجڻ باوجود سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرر ڪرڻ ناانصافي آهي.مختلف وڪيل تنظيمن جي سڏ تي احتجاج دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جا اندريان دَر ايندڙ فريادين لاءِ بند ڪيا ويا، جڏهن ته سٽي ڪورٽ سميت ٻين ماتحت عدالتن ۾ به وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا.هوڏانهن لاهور جي ماتحت عدالتن ۾ به جزوي هڙتال ٿي،ڪراچي، حيدرآباد ۾ به وڪيلن عدالتي ڪارراين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو،  ڪراچي ۾  سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري ۾ سينارٽي کي نظر ۾ نه رکڻ خلاف وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جي اعلان کان پوءِ وڪيلن جي هڙتال سبب قيدين کي به پيشي لاءِ نه آندو ويو جڏهن ته مختلف ڪيسن ۾ وڪيلن پاران پيش نه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون.سکر هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سکر پاران عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪري سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي فيصلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيل قربان ملاڻو، علي گل عباسي، منصور ميتلو، شبير علي بوزدار۽ ن جسٽس احمد علي شيخ جي ايڊهاڪ جج مقرري خلاف هاءِ ڪورٽ سکر ٻاهران عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق توڙي جوڊيشنل سپريم ڪائونسل سنڌ جي سينئر جج جي ايڊهاڪ مقرري ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي توهين سان گڏ قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي، جيڪي اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ بار سکر جي وڪيلن به پنهنجون عدالتي سرگرميون معطل ڪري جسٽس احمد علي شيخ جي ايڊهاڪ طور مقرري کي ڊسٽرڪٽ بار ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي مطالبو ڪيو ته جسٽس احمد علي شيخ کي مستقل جج مقرر ڪيو وڃي،موري ۾  تعلقا بار جي صدر امين الدين خاصخيلي،جنرل سيڪريٽري قادر خان ڪورائي،اي ڪي عباسي،سينيئر وڪلين،غلام الله ميمڻ،سبحان زرداري،محمد علي ڀٽو،قيوم ميمڻ،علي رضا ڪانڌڙو،سليم ڀنگر،سليم سيال،سليم لغاري،وقار ٻلال،۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ت اڄ اسين سنڌ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سان ناانصافي ظلم ۽ زيادتي خلاف دانھون ڪريون پيا، سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون جون ڌڄيون اڏائي پئي،جوڊيشري سياست جي ور چڙھي پوئي آھي،سپريم ڪورٽ پنھنجي ڏنل قانون ۽ آئيني جي پاسداري ڪري،طاقت ور ادارا ۽ اسٽيبلشمنٽ سنڌ جي چيف جسٽس کي ڀت سان لڳائي پنھنجي من پسند فيصلا ڏيارين پيا جيڪا ڳالھ ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.