بلاول جي پنجاب دوري بعد پي ٽي آءِ کي به سرگرم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄڪلهه پنجاب جي دوري تي آهي، جنهن بعد  وزيراعظم عمران خان به پارٽي متحرڪ ڪرڻ  جون هدايتون جاري ڪيون آهن.وزيراعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن سڄي ملڪ ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ عمران خان جي هدايت تي چيف آرگنائيزر سيف الله ۽ ٻيا اڳواڻ سڄي ملڪ جو دورو ڪندا.ذريعن موجب دورن جي شروعات ڏکڻ پنجاب کان ڪئي ويندي، سينيٽر سيف الله خان نيازي 11 سيپٽمبر تي بهاولنگر ويندو، جڏهن ته ڏکڻ پنجاب جو صدر سينيٽر عون عباس به ساڻس گڏ هوندو.دورن دوران سيف الله خان نيازي مقامي قيادت سان ۽ تحريڪ انصاف جي قومي توڙي صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو، جن ۾ تنظيمي ۽ انتظامي معاملن جو به جائزو ورتو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.