امن تباهه ڪندڙن خلاف ڀرپور ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ)  نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي پرتشدد ۽ انتهاپسندي  کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن تي تڪڙي عمل جو فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف، وفاقي وزيرن فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد ۽ شوڪت ترين شرڪت ڪئي.پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ ملڪ جي ان تي امڪاني اثرن جو جائزو ورتو ويو، ڪميٽي نيشنل ايڪشن پلان جي هدفن سميت ملڪي داخلي صورتحال جو به جائزو ورتو.پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اجلاس ۾ سائبر سيڪيورٽي، جاسوسي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف قدمن تي تڪڙي عمل جو فيصلو ڪيو ويو، ان کانسواءِ اجلاس ۾ عدالتي ۽ سول سڌارن بابت قدمن تي به تڪڙي عمل جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.